حجت مشن

ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد
  • حجت مشن

    ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد

مشخصات بلاگ

این تشکل سال 1385 تاسیس شد که الحمد لله بتوسط آن دو حوزه علمیه در پاکستان اداره می شود
یکی بنام جامعت الحجت ودیگری برای خواهران که بنام جامعة فاطمة الزهرا س می باشد

این تشکل یک انجمن را بنام alilsamforum.com تاسیس نموده که شبهات اعتقادی ودیگر را پاسخ می دهد
وهمینطور یک سایت بنام www.hujjat14.com هم دارد که بزبان سندهی مقالات علمی را بارگذرای می کند

سه شنبه, ۴ آبان ۱۳۹۵، ۱۰:۲۵ ب.ظ

رجعت ڇا آهی ان جی وضاحت ڪریو .......؟؟؟؟

 رجعت ڇا آهی ان جی وضاحت ڪریو .......

لیڱڪ : مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی 

✍   رجعت

رجعت جو مطلب رجعت عربی زبان جو لفظ آهی جیڪو رَجَعَ یَرجِعُ منجھان ورتل آهی جنهن جی معنا واپس ورڻ یا موٽی اچڻ آهی.(  معجم مقاییس اللغة،  ماده رجع)

اصطلاح ۾

 اصطلاح ۾ رجعت جو مطلب ٻن قسمن جی ماڻهن (خالص مومنن ۽ خالص ڪافرن) جو جیڪی مری ویا آهن امام مهدی (عج) جی ظهور کان پوءِ ۽ قیامت کان پهریان هن دنیا ۾ موٽی اچڻ آهی.( رجعت در عصر ظهور،  ص 60)

تمام شیعه عالمن جو متفقه عقیدو آهی ته رجعت واقع ٿیندی

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۰۴ آبان ۹۵ ، ۲۲:۲۵
سید احمد علی نقوی

اهی خالص مومن جیڪی رجعت ڪندا انهن جو نشانیون ڪهڙیون آهن

لیکڪ : مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی 

👆👆👆👆👆👆

سوال❓❓

رجعت متعلق سوال جو جواب تفصیل سان ڏنو ویو

❓❓❓هاڻی سوال اهو ٿیو آهی ته خالص مومن جیڪی رجعت ڪندا انهن جون صفتون ڪهڙیون آهن

 ✍ جواب

  روایتن جی مطالعی کان بعد ۾ اها خبر پوی ٿی ته رجعت سڀنی لاءِ ناهی بلڪ انهن صالح مومنن لاءِ آهی جن جو مقام اعلى ۽ مٿانهون آهی ۽ ڪافرن مان به اهو رجعت ڪندا جیڪی حد درجی جا ستمگر هوندا 

🍂علامه مجلسی ره: اسان شیعن جی نزدیڪ رجعت خالص مومنن ۽ خالص ڪافرن لاءِ آهی (.(بحار الانوار، جلد ۵۳، صفحه ۳۹)

مومن محض اهو آهی جنهن ۾ ایمان واریون صفتون پاتیون وڃن ۽ الله جی هیڪڙائپ تی مڪمل ایمان آندو هجائین ۽ ان تی ثابت قدم به هجی

الله جو ارشاد ٿئی ٿو : إِنَّ الَّذِینَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوا تَتَنَزَّلُ عَلَیْهِمُ الْمَلَائِکَةُ (سوره فصلت آیت 30)

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۰۴ آبان ۹۵ ، ۲۲:۲۳
سید احمد علی نقوی

                         ❓ سوال

👇👇👇👇👇👇👇👇

هن وقت الله سائین اسان جی هدایت لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪیو آهی؟


✍  جواب

👇👇👇👇👇👇👇

الله سائین انسان جی  لاءِ هر دور ۾ هدایت جو  بندوبست ڪیو آهی، الله انسانن جی هدایت ڪری ٿو ان ڪری الله جو هڪ نالو هادی به آهی 

هدایت جون ٻه قسمون آهن

عام هدایت ۽ خاص هدایت 

عام هدایت جون ٻه قسمون آهن 

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۲۴ مهر ۹۵ ، ۱۳:۴۰
سید احمد علی نقوی

                         ❓ سوال:

⁠١. قرآن ء احادیث جی روشنی م قیامت جی منظر کشی کندا. 

٢. جنت ء جهنم جا کیترا طبقا آهن ء انهن م کیر ویندا?

هی 👆 سوال ڇوته ٽن سوالن تی مشتمل آهی تنهن ڪری هن کی ٽن حصن ۾ ورهائی جواب ڏنو ویندو،

پهریون حصی ۽ ٻین حصی جو: جواب اچی چڪو

✍  ٽیون حصو جهنم جا طبقا

 جهنم جا طبقا

وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوْعِدُهُمْ أَجْمَعِینَ لَهَا سَبْعَةُ أَبْوَابٍ لِّکُلِّ بَابٍ مِّنْهُمْ جُزْءٌ مَّقْسُومٌ (سوره حجر آیت 43 ۽ 44)

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۲۴ مهر ۹۵ ، ۱۳:۳۹
سید احمد علی نقوی
شنبه, ۲۴ مهر ۱۳۹۵، ۰۱:۳۴ ب.ظ

یا علی مدد چوڻ تی ڪا دلیل ڏیو

Salam ya ali a.s madad kehna shi h is ki dalel den reference k sath


❓❓ سوال

یا علی مدد چوڻ تی ڪا دلیل ڏیو

✍  جواب

لیکڪ مولانا سید احمد علی نقوی 

یا علی مدد چوڻ ۽ ائمه علیهم السلام کان مدد گهرڻ ڪوبه شرڪ ناهی ان ڳالهه جی لاءِ کوڙ ساریون دلیلون تفصیل سان ڪتابن ۾ آندیون ویون آهن اسان مختصر ڪجهه کی ذڪر ڪیون ٿا 

قرآن ۾ ارشاد ٿئی ٿو : یَأَیُّهَا الَّذِینَ ءَامَنُواْ اتَّقُواْ اللَّهَ وَ ابْتَغُواْ إِلَیْهِ الْوَسِیلَة 💠

ترجمو : ای ایمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ ڏانھس وسیلو ڳولیو ۽ سندس واٽ ۾ ڪوشش ڪریو مانَ اوھین ڇٽو( سوره مائده آیت 35)👈

قرآن وری حضرت یعقوب علیه السلام واری قصی کی بیان ڪندی فرمائی ٿو ته جڏهن یعقوب ع جی پٽن پنهنجی ڪیل گناهه جی توبه ڪرڻ ٿی چاهی ته پنهنجی والد محترم حضرت یعقوب کی عرض ڪیائون بابا اسان جی لاءِ الله کان مغفرت جی دعا گهر ۽ توهان وسیلو بڻجو ان قصی کی قرآن صراحت سان بیان ڪیو آهی 

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۲۴ مهر ۹۵ ، ۱۳:۳۴
سید احمد علی نقوی

❓❓❓❓

سلام سائین 

    خداوند تعالی جب کسی چیز کا ارادا کرتا ھے تو اسے کھتا ھو تو وه ھوجاتی ھے 

پھر کیا وجه ھے کے الله تعالی دوسری جگه قرآن میں فرماتا ھے  ھم نے آسمان و زمیں کو چھ د ونوں میں بنایا اگر خدا اراده کرتا تو وه بن جاتی اس پر روشنی

👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۲۴ مهر ۹۵ ، ۱۳:۳۳
سید احمد علی نقوی

سوال

 امام حسین علیه السلام کی ثار الله ڇو چیو وڃی ٿو ؟؟؟

❓❓❓❓❓❓❓

✍جواب : ثار الله یعنی الله جون خون......................

هاڻی الله سائین جسم بدن کان ته منزه ۽ پاڪ آهی ته پوءِ مولا حسین ع ان جو خون ڪیئن ٿی سگهن ٿا ؟؟؟؟؟

ان جی جواب ۾ عرض ڪنداسین ته 

🍂   ثار الله جون ٻه معنائون بیان ڪیون ویون آهن

1⃣ ثار الله معنا  خون جی طلب. خون جو بدلو یعنی جنهن جی خون جو بدلو الله وٺندو 

🍂ثار لاءِ لسان العرب وارو لکی ٿو ته الثار یعنی الطلب بالدم (یعنی خون جی گهر خون جو بدلو ) 

ثار الله یعنی جنهن جی خون جو وارث الله آهی ۽ اهو ئی بدلو وٺندو 

🍂یا لثارات الحسین جو سڀ کان پهریان جیڪو نعرو هنیو اهو (توابین) هنیو ان کان بعد مختار ثقفی جو به ساڳیو ئی شعار ۽ نعرو هیو  ۽

🍂 روایتن ۾ ملی ٿو  4000ملائڪ آهن جیڪی مولا حسین ع جی ضریح جو طواف به ڪن ٿا ۽ امام زمانه عج جی ظهور تائین انهن جو نعرو به اهو ئی آهی  ۽ امام زمانه عج جو جڏهن ظهور ٿیندو مولا ۽ انهن جی یاورن ۽ مددگان جو به اهو نعرو هوندو  

2⃣ ثار الله معنا خدا جو خون 

انسان جڏهن الله جی تمام ویجهو ٿی ویندو آهی ۽ ڪمال جی اعلى درجی تی پهچندو آهی ته ان کی ید الله ، عین الله ، لسان الله جهڙا لقب ڏنا ویندا آهن انهن جو هرگز اهو مطلب اهو نه هوندو آهی ته الله جو هٿ یا اک یا زبان آهی نه بلڪی انهن جی ڪم ایڏا ته احسن ۽ ڀلا هوندا آهن جو الله سائین انهن جی ڪم کی پاڻ ڏانهن نسبت ڏیندو آهی  


  🍂امام حسین علیه السلام کی ثار الله ان ڪری چیو وڃی ٿو جو مولا پنهنجو خون ڏئی ڪری دین کی بچایو 

🍂 جیئن مولا علی ع کی ید الله چیو وڃی ٿو اهو هر گز ان جیڪری ناهی جو نعوذ بالله اسان الله جی جسم هجڻ جا قائل آهیون بلڪی جڏهن کین ید الله چوڻ جو مقصد اهو ته مولا علی ع شیر خدا الله جی قدرت جو مظهر  آهی 

🌻۽ ان کان علاوه جیئن ٻیا کوڙ لفظ به انهیءَ معنا ۾ استعمال ٿیا آهن جیئن ناقة الله   وارو لفظ سوره هود ۾ استعمال ٿیو آهی 

🍂بس ان حساب جو امام حسین ع پنهنجی خون سان دین جی آبیاری ڪئی ۽ دین خاطر پنهنجو خون ڏنو مولا جی خون کی ثار الله چیو وڃی  ٿو ۽ ڇو جو مولا جو خون ناحق وهایو ویو آهی ته ان جو بدلو به الله سائین ظالمن کان پاڻ وٺندو .

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۲۴ مهر ۹۵ ، ۱۳:۲۸
سید احمد علی نقوی

مزار آیت الله فاضل لنکرانی

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۲۴ مهر ۹۵ ، ۱۳:۲۷
سید احمد علی نقوی

نماز جمعه

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۲۴ مهر ۹۵ ، ۱۳:۱۹
سید احمد علی نقوی
شنبه, ۲۴ مهر ۱۳۹۵، ۰۱:۰۷ ب.ظ

امام حسین ؑ جون امتیازی خصوصیات

 

امام حسین ؑ جون امتیازی خصوصیات

سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی

مهاڳ

سڀ  تعریفون ان الله لاءِ آهن جیڪو   سڀ جو پالڻهار آهی  درود ۽ سلام آهی ان جی موڪلیل نبی حضرت محمد مصطفى ص ۽ سندن آل تی  لعنت هجی انهن  جی دشمنن تی 
درود ۽ سلام کان بعد ۾   دل گهریو ته ڇو نه اهل بیت   جی ان هستیءَ جی ساراهه ۽ واکاڻ  ۽  ثنا ۾  ٻه اکر لکان جیڪو عالم انسانیت کی نجات ڏیڻ وارو آهی   امام حسین ع جی مقدس ذات کی الفاظ ۽ اقوال جی آئینی ۾ آڻڻ۽ یا وری ان جی ساراهه ۽ واکاڻ ڪرڻ ڪنهن جی وس جی ڳالهه ناهی پر وسَ آهر امام حسین علیه السلام جی لاءِ مخصوص خاصیتن کی ذڪر ڪجی ٿو  

۰ نظر موافقین ۰ مخالفین ۰ ۲۴ مهر ۹۵ ، ۱۳:۰۷
سید احمد علی نقوی