سوال
امام حسین علیه السلام کی ثار الله ڇو چیو وڃی ٿو ؟؟؟
❓❓❓❓❓❓❓
✍جواب : ثار الله یعنی الله جون خون......................
هاڻی الله سائین جسم بدن کان ته منزه ۽ پاڪ آهی ته پوءِ مولا حسین ع ان جو خون ڪیئن ٿی سگهن ٿا ؟؟؟؟؟
ان جی جواب ۾ عرض ڪنداسین ته
🍂 ثار الله جون ٻه معنائون بیان ڪیون ویون آهن
1⃣ ثار الله معنا خون جی طلب. خون جو بدلو یعنی جنهن جی خون جو بدلو الله وٺندو
🍂ثار لاءِ لسان العرب وارو لکی ٿو ته الثار یعنی الطلب بالدم (یعنی خون جی گهر خون جو بدلو )
ثار الله یعنی جنهن جی خون جو وارث الله آهی ۽ اهو ئی بدلو وٺندو
🍂یا لثارات الحسین جو سڀ کان پهریان جیڪو نعرو هنیو اهو (توابین) هنیو ان کان بعد مختار ثقفی جو به ساڳیو ئی شعار ۽ نعرو هیو ۽
🍂 روایتن ۾ ملی ٿو 4000ملائڪ آهن جیڪی مولا حسین ع جی ضریح جو طواف به ڪن ٿا ۽ امام زمانه عج جی ظهور تائین انهن جو نعرو به اهو ئی آهی ۽ امام زمانه عج جو جڏهن ظهور ٿیندو مولا ۽ انهن جی یاورن ۽ مددگان جو به اهو نعرو هوندو
2⃣ ثار الله معنا خدا جو خون
انسان جڏهن الله جی تمام ویجهو ٿی ویندو آهی ۽ ڪمال جی اعلى درجی تی پهچندو آهی ته ان کی ید الله ، عین الله ، لسان الله جهڙا لقب ڏنا ویندا آهن انهن جو هرگز اهو مطلب اهو نه هوندو آهی ته الله جو هٿ یا اک یا زبان آهی نه بلڪی انهن جی ڪم ایڏا ته احسن ۽ ڀلا هوندا آهن جو الله سائین انهن جی ڪم کی پاڻ ڏانهن نسبت ڏیندو آهی
🍂امام حسین علیه السلام کی ثار الله ان ڪری چیو وڃی ٿو جو مولا پنهنجو خون ڏئی ڪری دین کی بچایو
🍂 جیئن مولا علی ع کی ید الله چیو وڃی ٿو اهو هر گز ان جیڪری ناهی جو نعوذ بالله اسان الله جی جسم هجڻ جا قائل آهیون بلڪی جڏهن کین ید الله چوڻ جو مقصد اهو ته مولا علی ع شیر خدا الله جی قدرت جو مظهر آهی
🌻۽ ان کان علاوه جیئن ٻیا کوڙ لفظ به انهیءَ معنا ۾ استعمال ٿیا آهن جیئن ناقة الله وارو لفظ سوره هود ۾ استعمال ٿیو آهی
🍂بس ان حساب جو امام حسین ع پنهنجی خون سان دین جی آبیاری ڪئی ۽ دین خاطر پنهنجو خون ڏنو مولا جی خون کی ثار الله چیو وڃی ٿو ۽ ڇو جو مولا جو خون ناحق وهایو ویو آهی ته ان جو بدلو به الله سائین ظالمن کان پاڻ وٺندو .