پنجشنبه, ۲۳ بهمن ۱۳۹۳، ۰۴:۲۸ ب.ظ
شڪارپور وارو سانحو
شڪارپور ۾ مرڪزی امام بارگاه ڪربلا معلى ۾ ٿیل ھولناڪ بم ڌماڪی۽ ان جی نتیجی73 مومن شهید ۽ 60 کان وڌیڪ مومنن جی زخمی ٿیڻ کان پوءِ اتی قیامت صغرى جا منظر نظر آیاشڪارپور (ڊ ر) شڪارپور جی انتظامیا دهشتگردی جو شڪار ٿیل امام ڪربلا معلیٰ جی ڀرپاسی جا پندرنهن دڪان سڪیورٽی جا سبب ڄاڻائیندی خالی ڪرائی ڇڏیا، شهداءَ ڪمیٽی ۽ سول سوسائٽی پاران ڌار ڌار بک هڙتال ڪئی وئی، امام بارگاهه ڪربلا معلیٰ جی متولی عطا حسین شاهه جی مطالبی تی شڪارپور ضلعی انتظامیا امام بارگاهه جی چوڌاری قائم دڪان خالی ڪرایا. ضلعی انتظامیا موجب امام بارگاهه جی مسواڙ تی ڏنل 15 دڪانن تی قبضو ڪیو ویو هو، جیڪو ختم ڪرایو ویو آهی. انتظامیا 15 دڪان خالی ڪرائی بجلی ڪاٽی ڇڏی، جڏهن ته چاٻیون سنڀالیندڙ حوالی ڪیون. امام بارگاهه ڪربلا معلیٰ ۽ ڊپٽی ڪمشنر شڪارپور وچ ۾ سڀاڻی گڏجاڻی رٿیل آهی، جنهن دوران دڪانن کی مڪمل طور ڊهرائی ڀت تعمیر ڪرڻ جی حوالی سان فیصلو ڪیو ویندو. واضح رهی ته سڪیورٽی خدشن سبب شیعا تنظیمن ۽ امام بارگاهه جی گادی نشین دڪان خالی ڪرائڻ جو مطالبو ڪیو هو. ٻئی پاسی شهداءَ ڪمیٽی جی همٿ علی شاهه ۽ سید عباس شاهه جی اڳواڻی ۾ گڏجاڻی ڪوٺائی وئی،جنهن ۾ جسم چیئرمین ریاض چانڊئی خصوصی طور شرڪت ڪئی. گڏجاڻی ۾ فیصلو ڪیو ویو ته شڪارپور سانحی خلاف 13 فیبروری تی سڄی سنڌ ۾ هڙتال ڪئی ویندی،جنهن جی جسم سربراهه پڻ حمایت ڪئی. جسم چیئرمین ریاض چانڊیو میڊیا سان ڳالهائیندی چیو ته هفتو گذرڻ باوجود جوابدار کی گرفتار نه ڪیو ویو آهی. هن چیو ته شڪارپور سانحی تی حڪمرانن مجرماڻو رویو اختیار ڪری رهیا آهن. گڏجاڻی بعد شهداءُ ڪمیٽی پاران فدا عباس لاڙڪ ، امتیاز شاهه سمیت سوین ڪارڪنن بک هڙتال ڪئی. هوڏانهن سول سوسائٽی پاران به پریس ڪلب آڏو احتجاج ڪئمپ قائم ڪئی وئی آهی. سڄاڻ ڌرین مطالبو ڪیو ته شڪارپور ۾ دهشتگردن خلاف فوجی آپریشن ڪیو وڃی. -
۹۳/۱۱/۲۳