حجت مشن

ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد
  • حجت مشن

    ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد

مشخصات بلاگ

این تشکل سال 1385 تاسیس شد که الحمد لله بتوسط آن دو حوزه علمیه در پاکستان اداره می شود
یکی بنام جامعت الحجت ودیگری برای خواهران که بنام جامعة فاطمة الزهرا س می باشد

این تشکل یک انجمن را بنام alilsamforum.com تاسیس نموده که شبهات اعتقادی ودیگر را پاسخ می دهد
وهمینطور یک سایت بنام www.hujjat14.com هم دارد که بزبان سندهی مقالات علمی را بارگذرای می کند

اِنَّ اللَّـهَ وَمَلـٰئِکَتَهُ یُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ ۚ یـٰأَیُّهَا الَّذینَ ءامَنوا صَلّوا عَلَیهِ وَسَلِّموا تَسلیمًا

خدا ، فرشتن، ء مؤمنن جی صلوات پڙھڻ ۾ ڇا فرق آھی؟


لیکڪ : مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی 

اڄ کلھ ھتی سنڌ جا مؤمن اپ گریڈ ٿی ویا آھن 

جیکی ھن مذکورہ آیت ۾ خدا جی متعلق اھو عقیدو تھا رکن تہ خدا بہ محمد و آل محمد تی درود پڙھی عبادت ٿو کری 

تفصیل سان جواب عطا فرمائیندا تہ خدا ء فرشتن ء مؤمنن جی صلوات پڙھڻ ۾ ڇا فرق آھی؟؟؟

✍ جواب

إِنَّ اللَّهَ وَمَلَائِکَتَهُ یُصَلُّونَ عَلَى النَّبِیِّ یَا أَیُّهَا الَّذِینَ آمَنُوا صَلُّوا عَلَیْهِ وَسَلِّمُوا تَسْلِیمًا (سوره احزاب آیت نمبر 56)

ترجمو : بیشڪ الله ۽ سندس ملائڪ پیغمبر تی رحمت موڪلیندا آھن، ای ایمان وارؤ اوھین به مٿس صلوات پڙھو ۽ پوری طرح سلام چئو

💠حقیقت ۾ ٻه سوال آهن پر اسان هڪ ئی جواب کی ٻن حصن ۾ مختصر نمونی سان بیان ڪنداسین 

1⃣پهریون اهو سوال آهی ته خدا ، فرشتا ۽ مومن جیڪا نبی ۽ ان جی آل تی صلوات پڙهن ٿا ان ۾ ڪهڙو فرق آهی .

2⃣ ٻیون سوال اهو آهی ته ڇا الله به نعوذ بالله ڪنهن جی عبادت ڪری سگهی ٿو ؟؟؟

پهرین سوال جو جواب

جواب اهو آهی ته الله جی صلوات نبی تی ۽ ان جی آل هن سبب  جی ڪری آهی 

ته الله سائین نبی جی عظمت ٻڌائڻ ٿو چاهی ته نبی ۽ ان جی آل ڪیڏی ته عظمت وارا آهن جو الله سائین به انهن تی درود موڪلی ٿو اهو حقیقت ۾ انهن جیڪا الله جی بندگی ڪئی آهی ان جو هڪ امتیاز آهی جیڪو صلوات جی صورت ۾ الله سائین کین ڏنو اهی .

⚜💠باقی رهیو سوال ته فرشتا ۽ اسان نبی ۽ ان جی آل تی صلوات ڇو ٿا پڙهون ؟

⚜ان سوال جو جواب ته واضح آهی ته نبی ۽ ان جی آل تی صلوات موڪلڻ حقیقت ۾ طلب رحمت آهی اسان انهن جی صدقی پنهنجی گناهن جی مغفرت ۽ رحمت جی تقاضا ڪیون ٿا انهن ڳالهین بابت کوڙ ساریون روایتون نقل ٿیون آهن  پر مان هڪ ٻه روایت ان بابت پیش ڪری جواب کی پورو ڪندس

✅امام علی علیه السلام فرمائن ٿا جڏهن ڪا حاجت گهرڻی حجیو نبی ۽ا ن جی آل تی صلوات پڙهی دعا گهرو الله سائین اوهانجی حاجت پوری ڪندو ( نهج البلاغه حڪمت نمبر 163)

✅پاڻ سڳورن ص فرمایو : جیڪو بلند آواز سان صلوات  پڙهی ٿو ان جو نفاق ختم ٿیندو، جیڪو ڏینهن ۽ رات ۾ ٽئی دفعا مون تی ۽ منهنجی ال تی صلوات پڙهی ٿو ان جا ان ڏینهن جا گناهه الله سائین معاف ڪری ڇڏی ٿو ، جیڪو صلوات پڙهی ٿو ان جو فقر ۽ غربت ختم ٿی ویندی .................................اهڙا ٻیا هزارین فائدا ( ثواب الاعمال ص 190 – ،هدیه  خدا ص 20،جلاء الافهام ص 252)

2⃣💠ٻیون سوال 

ڇا الله صلوات سان نعوذ بالله عبادت ڪری رهیو آهی ؟؟

ان سوال جی جواب ۾ ایترو ئی ڪافی سمجهون ٿا ته  انسان مطالعی نه ڪرڻ جیڪری ۽ سٺن عالمن سان صحبت نه هجڻ جیڪری اهی شبها ۽ اشڪال ان جی ذهن ۾ اچن ٿا نه ته جنهن قرآن پڙهیو آهی ۽ اهل بیت علیهم السلام جی تعلیمات کی چڱی نمونی سان پڙهیو آهی ان کی اهڙن عجیب وغریب سوال ڪرڻ جی ضرورت ئی نه پئی ڇو جو عبادت فقط الله جی ئی ڪئی ویندی آهی عبد عبادت ڪندو آهی ان حساب سان الله العیاذ بالله ڇو جو هو پاڻ معبود آهی ڪنهن جی به عبادت نٿو ڪری سگهی ڇوجو عبادت عبد تی واجب آهی نه ڪی معبود تی ان لاءِ مختصر هڪ ٻه آیت پیش ڪجی ٿی ته جیڪی عبادت جو مفهوم واضح ٿی سگهی 

💠قُلْ إِنِّی أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ اللَّهَ مُخْلِصًا لَهُ الدِّینَ(سوره زمر آیت 11)

ترجمو : ای پیغمبر کین) چؤ ته بیشڪ مون کی حُڪم ٿیو آھی ته الله لاءِ (پنھنجی) عبادت خالص ڪری رڳو اُن جی عبادت ڪریان

💠...............تعالوا الی کلمة سواء بیننا و بینکم الا نعبد الا الله (آل عمران 64)

ترجمو : ................... ای ڪتاب وارؤ ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جی وچ ۾ ھڪ جھڙی آھی ته الله کانسواءِ ڪنھن جی عبادت نه ڪریون.

⚜بس عبادت فقط الله جی ئی ٿیندی آهی باقی صلوات الله نبی تی ڇو موڪلی آهی ان جو جواب مفصل پهریان ڏئی چڪا آهیون وڌیڪ تفصیل جی ضرورت ڪونه ٿا سمجهون والسلام مع الاکرام ✅

💠اللهم صل على محمد وآل محمد

موافقین ۰ مخالفین ۰ ۹۵/۰۸/۰۴
سید احمد علی نقوی

نظرات  (۰)

هیچ نظری هنوز ثبت نشده است

ارسال نظر

ارسال نظر آزاد است، اما اگر قبلا در بیان ثبت نام کرده اید می توانید ابتدا وارد شوید.
شما میتوانید از این تگهای html استفاده کنید:
<b> یا <strong>، <em> یا <i>، <u>، <strike> یا <s>، <sup>، <sub>، <blockquote>، <code>، <pre>، <hr>، <br>، <p>، <a href="" title="">، <span style="">، <div align="">
تجدید کد امنیتی