جامعه روحانیت سنڌ قم المقدسه جی پروگرام ۾ حجت مشن پاران شرڪت
ان پروگرام ۾ قم رهندڙ سڀنی تنظیمن شرڪت ڪئی حجت مشن پاران مولانا سید احمد علی نقوی مدرسه حجتیه ۾ خطاب ڪیو جنهن جامعه روحانیت سنڌ جی بهتری لاءِ ڪجهه رایا ۽ مشورا پیش ڪیا جنهن مان اهم رایو اهو هیو ته جامعه روحانیت سڀنی قم ۾ رهندڙ طلاب جی هڪ مشترڪ ۽ گڏیل تنظیم آهی ۽ ماء جیان سڀنی تشڪلن سان ان کی سهڪار ڪرڻ گهرجی ۽ تشڪلن کی به گهرجی ته جامعه سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ تشڪلن جا جیڪی ڪم آهن ان بابت هڪ سافٽ ویئر ٺاهیو وڃی جنهن ۾ سنڌ جی تمام طلاب جا لکیل مقالن جا عنوان درج ڪیا وڃن ته جیئن هڪٻئی جی ڪمَ جی به خبر پئجی سگهی ۽ تڪراری ڪم کان پرهیز ڪری سگهجی ۽ ٻیو مشورو جیڪو قبله سید احمد علی نقوی صاحب ڏنو اهو هیو ته تبلیغی ۽ تدریسی ڪمن ۾ جامعه مدارس امامیه سنڌ سان همڪاری ڪئی وڃی ته جیئن هتان جا فاضل طلاب جڏهن ایام محرم یا ایام فاطمیه یا وری ماه مبارڪ رمضان ۾ تبلیغ لاءِ وڃن ٿا اهی جامعه سان گڏجی ڪری علائقن جی خدمت ڪن ۽ جامعب مدارس امامیه فاضل طلاب کان احشن طریقی سان فیض پرائی سگهی