حجت مشن

ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد
  • حجت مشن

    ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد

مشخصات بلاگ

این تشکل سال 1385 تاسیس شد که الحمد لله بتوسط آن دو حوزه علمیه در پاکستان اداره می شود
یکی بنام جامعت الحجت ودیگری برای خواهران که بنام جامعة فاطمة الزهرا س می باشد

این تشکل یک انجمن را بنام alilsamforum.com تاسیس نموده که شبهات اعتقادی ودیگر را پاسخ می دهد
وهمینطور یک سایت بنام www.hujjat14.com هم دارد که بزبان سندهی مقالات علمی را بارگذرای می کند

                         ❓ سوال:

⁠١. قرآن ء احادیث جی روشنی م قیامت جی منظر کشی کندا. 

٢. جنت ء جهنم جا کیترا طبقا آهن ء انهن م کیر ویندا?

هی 👆 سوال ڇوته ٽن سوالن تی مشتمل آهی تنهن ڪری هن کی ٽن حصن ۾ ورهائی جواب ڏنو ویندو،

پهریون حصی ۽ ٻین حصی جو: جواب اچی چڪو

✍  ٽیون حصو جهنم جا طبقا

 جهنم جا طبقا

وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوْعِدُهُمْ أَجْمَعِینَ لَهَا سَبْعَةُ أَبْوَابٍ لِّکُلِّ بَابٍ مِّنْهُمْ جُزْءٌ مَّقْسُومٌ (سوره حجر آیت 43 ۽ 44)

ترجمو: ۽ اُنھن مڙنی گمراھن جی انجام واری جاءِ دوزخ آھی اُن کی ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازی لاءِ انھن مان وراھیل ڀاڱو آھی

امام محمد باقر علیه السلام ڱان جڏهن ان آیت بابت سوال ٿیو پاڻ فرمایائون : مون تائین خبر پهتی آهی ته جهنم جا ست طبقا آهن  

جهنم جا ست دروازا آهن ۽ هر درلاءِ مخصوص ٽولی کی تقسیم ڪیو ویو آهی .

انهن ستن طبقن جو هیٺ ذڪر ڪجی ٿو 

🌋  1 جحیم : وَالَّذِینَ آمَنُوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُوْلَئِکَ هُمُ الصِّدِّیقُونَ وَالشُّهَدَاء عِندَ رَبِّهِمْ لَهُمْ أَجْرُهُمْ وَنُورُهُمْ وَالَّذِینَ کَفَرُوا وَکَذَّبُوا بِآیَاتِنَا أُوْلَئِکَ أَصْحَابُ الْجَحِیمِ(سوره حدید آیت 19)

ترجمو : ۽ جن الله ۽ سندس پیغمبرن تی ایمان آندو آھی اُھی ئی پنھنجی پالڻھار وٽ بلڪل سچا ۽ شھید آھن، اُنھن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نُور آھی، ۽ جن ڪفر ڪیو ۽ اسان جی آیتن کی ڪُوڙ ڀانیو اُھی دوزخی آھن.


🌋   2 لظی : ان طبقی باهه جی حرارت ۽ تپش ایتری ته هوندی جو گوشت هڏن کان جدا ٿی ویندو


کَلَّا إِنَّهَا لَظَى ائین نه آھی، بیشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واری باھ آھی نَزَّاعَةً لِّلشَّوَى مَٿی جی کَل کی ڇڪیندڙ آھی. (سوره معارج آیت 15۽ 16)

🌋  3 سقر :  ان طبقی  ۾ متڪبرن کی وڌو ویندو 

سَأُصْلِیهِ سَقَرَ جلد اُن کی دوزخ ۾ وجھندس وَمَا أَدْرَاکَ مَا سَقَرُ  ۽ توکی ڪھڙی شیءَ ڄاڻایو ته دوزخ ڇا آھی لَا تُبْقِی وَلَا تَذَرُ اُھو نڪی ڪجھ (گوشت) رھائی ٿو ۽ نڪی (ھڏا) ڇڏی ٿو. لَوَّاحَةٌ لِّلْبَشَرِ ماڻھن کی (ساڙی) ڪارو ڪندڙ آھی عَلَیْهَا تِسْعَةَ عَشَرَ اُن تی اُڻویہ ڄڻا دربان آھن (سوره مدثر آیت 26 کان 30)

🌋4 حطمة : ان ۾ اهی ماڻهو هوندا جن انسانن کی ایذایو ۽ حرام مال کاڏو لَینبذَنَ فِی الحُطَمة وَ ما اَدرئکَ مَالحُطَمة، نارُاللهِ المَوقَدَة، الَتی تَطلِعُ عَلَی الأَفئِدة؛ إِنَّهَا عَلَیْهِم مُّؤْصَدَةٌ فِی عَمَدٍ مُّمَدَّدَةٍ (سوره همزه آیت 4 کان 9)ترجمو : ھرگز ائین نه آھی ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس ۽ ڪنھن سمجھایئی ته حُطَمَه ڇا آھی؟ الله جی ٻاریل باھ آھی جا دلین تی پھچندی. بیشڪ اُھا مٿن در بند ڪیل آھی جنھن حالت ۾ اُھی ڊگھن ٿنڀن ۾ ٻڌل ھوندا.

🌋    *5 هاویه *  ان طبقی لاءِ ارشاد ٿئی ٿو :

إِنَّ الَّذِینَ کَفَرُواْ بِآیَاتِنَا سَوْفَ نُصْلِیهِمْ نَارًا کُلَّمَا نَضِجَتْ جُلُودُهُمْ بَدَّلْنَاهُمْ جُلُودًا غَیْرَهَا لِیَذُوقُواْ الْعَذَابَ إِنَّ اللّهَ کَانَ عَزِیزًا حَکِیمًا

جن اسان جی آیتن کی نه مڃیو تن کی سگھو باہ ۾ گھیرینداسون، جڏھن ڪڏھن سندن کلون ڀُڄندیون (تڏھن) سندن ٻیون کلون ھن لاءِ پیا مٽائینداسون ته ڀلی عذاب (جو مزو) چکن، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھی( سوره نساء آیت 56)


🌋  6 سعیر   

إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلْکَافِرِینَ سَلَاسِلَا وَأَغْلَالًا وَسَعِیرًا

بیشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجیر یا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تیار ڪئی آھی (سوره انسان آیت نمبر 4)

مرحوم حویزی ان آیت جی تفسیر ڪندی لکن ٿا ته سعیر ان جاءِ جو نالو آهی جتی 400 باهه جا شامیانا لڳل هوندا ۽ هر شامیانو ایڏو ته وڏو هوندو جو ان ۾ 300 گهر باهه جا هوندا ۽ هر گهر  ۾ 300 باهه جا ڪمرا ٺهیل هوندا ۽ هر ڪمری ۾ 300 قمسن جا عذاب هوندا ۽ هر ڪمری م ناگ بلائون وڃون ۽ باهه جا زنجیر هوندا ( تفسیر نور الثقلین : ج3  ص 17)

🌋  7 فلق 

معاویه بن وهب چئی ٿو : هڪ ڏینهن مان امام صادق علیه السلام جی محضر م  هئس هڪ شخص ” قل اعوذ برب الفلق “ واری ایت پڙهی ........... امام کان سوال ڪیائین ته فلق ڇا آهی ؟؟؟؟؟ پاڻ فرما یائون : اهو دوزخ ۽ جهنم ۾ هڪ بیابان آهی جنهن بیابان ۾ 70 هزار گهر ۽ گهر ۾ ستر هزار ڪمرا ۽ هر ڪمری ۾ 70 هزار وڏا نانگ ۽ هر نانگ جی پیٽ ۾ 70 هزار قسمن جو زهر آهی ( نور الثقلین ج3 ، ص 720)


__باقی پهرین ٻن حصن جا جواب هتی پیش ڪجن ٿا هن پوری جواب جا لیکڪ ٽئی شخص آهن مولانا نائب علی ڪمیلی مولانا سید احمد علی نقوی مولانا نوید حسین چنه

❓ سوال:

⁠١. قرآن ء احادیث جی روشنی م قیامت جی منظر کشی کندا. 

٢. جنت ء جهنم جا کیترا طبقا آهن ء انهن م کیر ویندا?

هی 👆 سوال ڇوته ٽن سوالن تی مشتمل آهی تنهن ڪری هن کی ٽن حصن ۾ ورهائی جواب ڏنو ویندو، 


✍ جواب: قرآن ۽ احادیث جی روشنی ۾ قیامت جی منظر ڪشی

💠قرآن ۽ روایات جی مطالعی مان معلوم ٿئی ٿو ته قیامت جی شروع ٿیڻ کان پهرین ڪجھ نشانیون ظاهر ٿیندیون جیڪی نشانیون ئی ان ڏینهن جی دهشت جی منظر ڪشی ڪرڻ لاءِ ڪافی آهن.، جن مان ڪجھ هن ریت آهن:

1⃣_جبلن جو ڦاٽڻ ۽ ریزه ریزه ٿیڻ، قرآن مجید ۾ ان سلسلی ۾ ارشاد ٿئی ٿو:” وَ کانَتِ الْجِبالُ کَثیباً مَهیلاً“ (سورت مزمل، آیت 14) ۽ جبل واری جی هڪ ٽٻی ۾ تبدیل ٿی ویندا، قیامت جی ان نشانی جی سلسلی ۾ هیٺ ڏنل آیتن ڏانهن رجوع ڪیو: (سورت حاقه،آیت 14؛ سورت طور،آیت 10؛ سورت قارعه،آیت  5؛ نبا،آیت 20؛ سورت طه،آیت 106؛ سورت واقعه،آیت 5 و 6)

2⃣_ سمنڊن جو ڦاٽن ۽ اٿلڻ جهڙی ریت ارساد ٿئی ٿو: 

” وَ إِذَا الْبِحارُ فُجِّرَت“ (سورت انفطار آیت 3) جڏهن سمنڊ (اٿلی) هڪ ٻئی سان ملی ویندا. وری ارشاد ٿئی ٿو : ” وَ إِذَا الْبِحارُ سُجِّرَت“ (سورت تڪویر آیت 6) جڏهن سمنڊ  اٿلی پوندا.

3⃣_ تمام خطرناڪ زلزلن جو اچڻ: ارشاد ٿئی ٿو: ” إِذا زُلْزِلَتِ الْأَرْضُ زِلْزالَها (1)

وَ أَخْرَجَتِ الْأَرْضُ أَثْقالَها“ (سورت زلزال آیت 1_2) جڏهن زمین کی سخت زلزلو ایندو ۽ زمین پنهنجا خزانا ٻاهر ڪڍندی.

4⃣سج ۽ چنڊ گرهڻ ۽ ستارن جو خاموش ٿیڻ:  قرآن مجید ۾ ارشاد ٿئی ٿو: ”إِذَا الشَّمْسُ کُوِّرَتْ وَ إِذَا النُّجُومُ انْکَدَرَت” و (سورت تڪویر آیت 1_2) ”جڏهن سج کی ویڙهیو ویندو ۽ ستارا ڪرڻ لڳندا“ ، اهڙی ریت ارشاد ٿئی ٿو: وَ خَسَفَ الْقَمَرُ  وَ جُمِعَ الشَّمْسُ وَ الْقَمَرُ  (سورت قیامت آیت 7 10) ۽ چنڊ کی گرهڻ لڳندو ۽ سج ۽ چنڊ کی ویڙهیو ویندو، هڪ ٻئی مقام تی ارشاد ٿئی ٿو: إِذَا الْکَواکِبُ انْتَثَرَت“ (سورت انفطار آیت 2) جڏهن ستارا ٽڙی پکڙی ویندا.

5⃣_آسمانی سیارن جو ٽٽڻ: ” إِذَا السَّماءُ انْفَطَرَت“ (سورت انفطار آیت 1) جڏهن آسمان ڦاٽندو. ” إِذَا السَّماءُ انْشَقَّت“ (انشقاق آیت 1) جڏهن آسمان ڦاٽندو. 

وڌیڪ تفصیل لاءِ رجوع ڪیو: (سورت حاقه،آیت 16؛ سورت فرقان، آیت 25؛ سورت تڪویر،آیت 11؛ سورت مرسلات،آیت 9؛ سورت نبا، آیت 19)  

6⃣_صور جو ڦوڪجڻ: قیامت جی شروع ٿیڻ کان پهرین ٻه صور ڦوڪیا ویندا. پهریون صور جنهن سان سڀ جا سڀ مری ویندا ۽ زمین هر مخلوق کان خالی ٿی ویندی جهڙی ریت قرآن مجید ۾ ارشاد ٿئی ٿو: ” وَنُفِخَ فِی الصُّوِرِ فَصَعِقَ مَن فِی السَّمَوَات ِوَ مَن فِی الاَرضِ اِلاَّماشاءَ الله“ (سورت زمر آیت 68) جڏهن صور ڦوڪیو ویندو ته جیڪی به زمین ۽ آسمان ۾ هوندا اهی مری ویندا، سواءِ (ان جی جنهن کی) الله سائین (بچائڻ) چاهی.

پوءِ ٻیو صور ڦوڪیو ویندو، جنهن جی سلسلی ۾ ارشاد ٿئی ٿو: ”ثُمَّ نُفِخَ فِیهِ أُخری فَإِذاهم قِیام ینظُرونَ“ (سورت زمر آیت 68) پوءِ ٻیو دفعو صور ڦوڪیو ویندو، پوءِ سڀئی اٿی ڏسڻ لڳندا.  

ان سان قیامت جی شروعات ٿیندی ۽ ان ڏینهن حساب ڪتاب شروع ٿیندو.


💠 قیامت جو ڏهاڙو: قیامت جو ڏهاڙو،  پنجاه هزار سال جی برابر هوندو، جنهن لاءِ قرآن مجید ۾ ارشاد ٿئی ٿو: ” کانَ مِقْدارُهُ خَمْسِینَ أَلْفَ سَنَة“ (سورت معارج آیت 4) ان ڏینهن جو اندازو پنجاھ هزار سال جی برابر هوندو. 

قرآن مجید ۾ ان سلسلی ۾ هڪ ٻیءَ آیت به ذڪر ٿی آهی، جنهن ۾ ارشاد ٿئی ٿو: ” یُدَبِّرُ الْأَمْرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الْأَرْضِ ثُمَّ یَعْرُجُ إِلَیْهِ فی‏ یَوْمٍ کانَ مِقْدارُهُ أَلْفَ سَنَةٍ مِمَّا تَعُدُّونَ“ (سورت سجده، آیت 5) الله سائین هن جهان جی آسمان کان زمین جی طرف تدبیر ڪری ٿو، پوءِ اهو امر ان ڏینهن ۾ سندس بارگاھ ۾ پیش ٿیندو، جنهن ڏینهن جو اندازو توهان جیڪو حساب ڪیو ٿا، ان مطابق هزار سال جی برابر آهی“.

ان ٻنهی آیتن ۾ ظاهری طور تضاد ڏسڻ ۾ اچی ٿو، امام جعفر صادق (ع) ان ٻنهی آیتن کی جمع ڪندی هن ریت تفسیر ڪن ٿا: قیامت ۾ (حساب ڪتاب) واری هر منزل ۾ هزار سال لڳی ویندا، ان لحاظ سان حساب ڪتاب جی لاءِ پنجاهه منزلون هوندیون، ائین هڪ ڏینهن پنجاهه هزار سال جو هوندو. (امالی شیخ طوسی،  ص 110. )


💠قیامت جی ڏینهن جی دهشت: ان ڏینهن جی وحشت کی قرآن مجید مختلف اندازن سان پیش ڪیو آهی.

جهڙی ریت وری ان جی دهشت کی هن ریت بیان ڪیو ویو آهی: ” یوْمَ تَرَوْنَها تَذْهَلُ کُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمّا أَرْضَعَتْ وَ تَضَعُ کُلُّ ذاتِ حَمْلٍ حَمْلَها“ (سورت حج، آیت 2) اهو ڏینهن جنهن ۾ هر کیر پیاریندڙ عورت، پنهنجی کیر پیاریندڙ ٻار کان غافل ٿی ویندی ۽ هر پیٽ واری عورت پنهنجی (پیٽ واری) ٻار کی ڪیرائی ڇڏیندی.

اهڙی ریت ارشاد ٿئی ٿو: ” وَ تَرَى النّاسَ سُکارى وَ ما هُمْ بِسُکارى وَ لکِنَّ عَذابَ اللّهِ شَدِیدٌ“ (سورت حج، آیت 2)  ۽ تون ڏسندین ته ماڻهو نشی ۾ آهن، جڏهن ته اهی نشی ۾ نه هوندا، لیڪن الله سائین جو عذاب تمام سخت هوندو.

ان دهشت ناڪ منظر جی ڪری هر انسان پنهنجی ویجهی کان ویجهی عزیز کان به ڀڄڻ جی ڪندو، ان سلسلی ۾ ارشاد ٿئی ٿو: یَوم یَفِرُّ المرء مِن اَخیه و اُمّهِ وَاَبیه وَ صاحِبَتِهِ وَ بَنیهِ“ (سورت عبس، آیت 4) جنهن ڏینهن انسان پنهنجی ڀاءُ، ماءُ ۽ پیءَ، دوست ۽ سندس پٽ کان فرار ڪندو“ 

ابن بابویه امام رضا علیه السلام کان روایت نقل ڪن ٿا: قیامت جی ڏینهن هابیل سندس ڀاءُ قابیل کان فرار ڪندو، حضرت ابراهیم سندس پیءَ (چاچی آذر) کان ۽ حضرت لوط سندس عیال کان ۽ حضرت نوح سندس فرزند ڪنعان کان فرار ڪندو، ان ڏینهن ماڻهو ائین گرفتار هوندا جو ڪیر به ڪنهن جو نه هوندو.

اهڙی ریت پیغمبر اسلام (ص) جن فرمائن ٿا: ٽی منزلون اهڙیون آهن، جنهن ۾ ڪنهن کی به سندس مٽ مائٽ یاد نه هوندو، هڪ میزان واری منزل، ٻیءَ منزل صراط تان گذرڻ وقت، ٽین منزل نامه اعمال ملڻ واری منزل. انهن ٽنهی منزلن تی هر ماڻهو پنهنجی پاڻ ۾ مشغول ۾ آهی ۽ خوف ۽ دهشت جی ڪری پنهنجی رشتیدارن ڏانهن به ڌیان نه ڪندو. (تفسیر جامع، سید محمد ابراهیم  بروجردی ج‏7، ص: 346)


💠اهڙو ڏینهن هوندو جنهن ۾ انسان جا عضوا ان جی خلاف گواهی ڏیندا. ” یَوْمَ تَشْهَدُ عَلَیْهِمْ أَلْسِنَتُهُمْ وَأَیْدِیهِمْ وَأَرْجُلُهُمْ بِمَا کَانُوا یَعْمَلُونَ“  (سورت نور آیت 24) جنهن ڏینهن ماڻهن جو زبانون، سندن هٿ ۽ پیر سندن انهن عملن جی گواهی ڏیندا جیڪی انهن ڪیا هوندا“.

اهڙی ریت هڪ ٻئی مقام تی ارشاد ٿئی ٿو: ” الْیَوْمَ نَخْتِمُ عَلى‏ أَفْواهِهِمْ وَ تُکَلِّمُنا أَیْدیهِمْ وَ تَشْهَدُ أَرْجُلُهُمْ بِما کانُوا یَکْسِبُون“ (سورت یس، آیت 65) اڄ اسان انهن جی منهن (زبانن) تی مهر لڳائی ڇڏینداسین ۽ اسان سان انهن جا هٿ ڳالهائیندا ۽ انهن جا پیر انهن جی ڪیل ڪارنامن جی گواهی ڏیندا“

البته انسان جی خلاف جیڪا گواهی آهی، ان جو تعلق مومن سان ناهی، بلڪه اها گواهی انهن انسانن جی سلسلی ۾ آهی، جن لاءِ عذاب جو پڪو فیصلو ٿی چڪو هوندو. جهڙی ریت امام محمد باقر (ع) فرمائن ٿا: ”و لیست تشهد الجوارح علی مؤمن، إنما تشهد علی من حقت علیه کلمة العذاب؛ فأما المؤمن فیعطی کتابه بیمینه“ 

”مومن جا عضوا مومن جی خلاف گواهی نه ڏیندا، بلڪه انهن جی خلاف گواهی ڏیندا، جن جی لاءِ عذاب جو فیصلو پڪو ٿی چڪو آهی، ڇاڪاڻ ته مومن کی ته سندس نامه اعمال سندس ساڄی هٿ ۾ ڏنو ویندو.  (معاد، علامه محمد حسین طباطبائی، ص 45)


❓ سوال:

⁠١. قرآن ء احادیث جی روشنی م قیامت جی منظر کشی کندا. 

٢. جنت ء جهنم جا کیترا طبقا آهن ء انهن م کیر ویندا?

هی 👆 سوال ڇوته ٽن سوالن تی مشتمل آهی تنهن ڪری هن کی ٽن حصن ۾ ورهائی جواب ڏنو ویندو، 

پهریون حصو: جواب اچی چڪو


✍ جواب: ٻیو حصو: جنت ۽ بهشت جا درجا  

بهشت جا به ڪیترائی درجا آهن. قرآن مجید، حقیقی ۽ خالص بندن جا الله سائین وٽ مختلف درجا ٻڌایا آهن:

أُوْلَـئِکَ هُمُ الْمُؤْمِنُونَ حَقًّا لَّهُمْ دَرَجَاتٌ عِندَ رَبِّهِمْ* وَمَغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ کَرِیمٌ  (انفال ، آیت 4 .)

( اهی ئی حقیقت ۾ ایمان آڻڻ وارا آهن، انهن لاءِ پالڻهار وٽ درجا ۽ بخشش ۽ با عزت رزق آهی.)


👆هن آیت ۾ ”درجات“ مان مراد بهشت جون اهی منزلون آهن جیڪی پرهیزگارن کی عطا ڪیون ویون آهن ۽ ڇوجو سڀئی انسان ایمان ۽ نیڪ عمل انجام ڏیڻ ۾ برابر ناهن، سو خدا وٽ سندن مقام ۽ منزلت پڻ برابر ڪونهی. (1) جیئن ته ارشاد آهی :

انظُرْ کَیْفَ فَضَّلْنَا بَعْضَهُمْ عَلَى بَعْضٍ وَلَلآخِرَةُ أَکْبَرُ دَرَجَاتٍ وَأَکْبَرُ تَفْضِیلاً (اسراء ، آیت 21)

( ڏس ! اسان ڪیئن بعض کی بعض تی (هن دنیا ۾) فضیلت بخشی آهی ۽ آخرت جا درجا ۽ فضیلتون ته ویتر بلند آهن. ) 

لاَّ یَسْتَوِی الْقَاعِدُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِینَ غَیْرُ أُوْلِی الضَّرَرِ وَالْمُجَاهِدُونَ فِی سَبِیلِ اللّهِ بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ .... وَفَضَّلَ اللّهُ الْمُجَاهِدِینَ عَلَى الْقَاعِدِینَ أَجْرًا عَظِیمًا  دَرَجَاتٍ مِّنْهُ وَمَغْفِرَةً وَرَحْمَةً ... (نساء ، آیت 95 _ 96)

(مؤمنن مان ڪنھن عذر ڌاران (جھاد کان گھر ۾) ویھی رھندڙ ۽ الله جی واٽ ۾ پنھنجی مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙ (اِھی ٻئی) برابر نه آھن، ... ۽ الله جھاد ڪندڙن کی ویھی رھندڙن کان وڏی اجر جی ڪری ڀلو ڪیو آھی. (۽ انهن لاءِ) پاڻ وٽان درجا ۽ بخشش ۽ ٻاجھ ڪئی اٿس،...

مٿین 👆 آیتن ۾ گھڻا مفسّر درجات جی لفظ مان بهشت جا درجا مراد وٺن ٿا.(2) ان اعتبار سان جیتری قدر انسان جا اعمال بلند هوندا اوتری قدر کیس جنت جا درجا به برتر ۽ اعلى نصیب ٿیندا. جیئن ته ارشاد آهی:

 وَمَنْ یَأْتِهِ مُؤْمِنًا قَدْ عَمِلَ الصَّالِحَاتِ فَأُوْلَئِکَ لَهُمُ الدَّرَجَاتُ الْعُلَى (طه ، آیت 75)

( جیڪی خدا وٽ مومن ٿی اچن ان حال ۾ جو نیڪ عمل انجام ڏنا هجیائون، تن لاءِ ئی اعلیٰ درجا آهن.)


💠 ڪجھ مفسرن وری سورت آل عمران جی آیت نمبر 15جی مطابق، بهشت جی درجن کی تقوا جی درجن ۽ رتبن سان واڳیل ڄاڻایو آهی یعنی جیتری قدر انسان جی تقوا مٿانهین درجی تی هوندی، اوتری قدر کیس بهشت جا اعلى ۽ بلند درجا نصیب ٿیندا. 

🔹ان اعتبار سان بهشت جو پهریون درجو ”جنة الماوى“ آهی ته وری تقوا جی پهرین منزل، ”حرام ۽ نفسانی خواهشن کان پاڻ کی بچائڻ“ آهی:

وَأَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوَى. فَإِنَّ الْجَنَّةَ هِیَ الْمَأْوَى .(نازعات ، آیت 40_ 41)

(۽ جیڪو پنھنجی پالڻھار جی (حضور ۾) روبرو بیھڻ کان ڊنو ۽ نفس کی سَڌ کان جھلیائین ته یقیناً جنت ان جی منزل آهی. )

🔹۽ جنت جو وڏو درجو ”جنات عدن“ ۽ ان کان به اعلى ”رضوان الهی“ آهی:

 وَمَسَاکِنَ طَیِّبَةً فِی جَنَّاتِ عَدْنٍ وَرِضْوَانٌ مِّنَ اللّهِ أَکْبَرُ  (توبه ، آیت 72)

( جنات عدن ۾ پاڪیزه جڳهون آهن ۽ ان کان اعلیٰ ۽ مٿانهون (درجو) خدا جی خوشنودی ۽ رضا (رضوان الهی) آهی. )

🔹 ”رضوان الهی“ وارو درجو اهڙی ماڻهوءَ لاءِ آهی جیڪو تقوا جی آخری مرتبی تی فائز هجی (3) ته جیئن ان حال ۾ عالمِ شهود ۾ مڪمل اخلاص ۽ سچائی سان ڌڻی تعالى جی اڻ کٽ رحمت ۽ فضل جی سائی ۾ همیشه لاءِ باقی رهجی وڃی.(4) جیئن ارشاد آهی ته :

 یَا أَیَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ . ارْجِعِی إِلَى رَبِّکِ رَاضِیَةً مَّرْضِیَّةً . فَادْخُلِی فِی عِبَادِی . وَادْخُلِی جَنَّتِی (فجر ،آیت 27 _ 30)

( ای نفسِ مطمئن ! پنهنجی رب جی طرف واپس ٿی ، ان حال ۾ جو تون ان کان راضی آهین ۽ هو توکان راضی آهی. پوءِ منهنجی بندن ۾ شامل ٿی. ۽ منهنجی جنت ۾ داخل ٿی وڃ . )

💠 ۽ آخر ۾ جنت جو اعلى ۽ بلند ترین درجو نبی ڪریم ۽ اهل بیت علیهم السلام سان ”وسیلی“ کی قرار ڏنو ویو آهی.(5)

ڪن جو چوڻ آهی ته :

الله سائین پاڻ سڳورن(ص) کی مڙنی انبیاء تی برتری ۽ فضیلت بخشی آهی؛ ان ڪری وسیلی کی به پاڻ سڳورن(ص) سان ئی مخصوص ڪیو اٿس، یعنی هر انسان فقط نبی (ص) ۽ سندن اهلبیت علیهم السلام کی ئی وسیلو قرار ڏئی سگھی ٿو ۽ سندن امت پڻ جنت ۾ اهڙن درجن تی فائز هوندی   جیڪی ٻین سڀنی امتن جی درجن کان اعلیٰ ۽ بلند آهن. (6)

💠 هنن جی نظر ۾ اهل بهشت مجموعی طور تی چئن قسمن جا آهن :

انبیاء، اولیاء، مومنان ۽ اهی عالم جن خدا جی وحدانیت کی عقلی دلیلن سان پرکیو آهی:

یَرْفَعِ اللَّهُ الَّذِینَ آمَنُوا مِنکُمْ وَالَّذِینَ أُوتُوا الْعِلْمَ دَرَجَاتٍ (مجادله ، آیت 11)

(ته اوھان مان جن ایمان آندو آھی ۽ جن کی علم ڏنو ویو تن جا مرتبا الله وڏا ڪری )

هی چئن قسمن جا گروھ  ”بهشت عدن“ ۾ هڪٻئی کان مختلف درجا ۽ مقام رکن ٿا.(7)

💠 ٻین مفسرن پڻ سورت رحمن جی 46 ۽ 62 آیتن جو حوالو ڏیندی جنت کی چئن قسمن ۾ ورهایو آهی. جنهن منجھان ٻن جنتن جو مقام ۽ درجو ٻین ٻن جنتن کان مٿانهون آهی. ان اعلی درجی ۽ مقام رکڻ وارن ٻن جنتن جی باری ۾ ارشاد ٿئی ٿو:

 وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ جَنَّتَانِ  (رحمن ، آیت 46)

( ۽ جیڪو شخص پنهنجی رب جی بارگاھ ۾ حاضر ٿیڻ کان ڊنو ان لاءِ ٻه جنتون (باغَ) آهن.)

ان کان پوءِ ٻین ٻن جنتن جی باری ۾ ارشاد فرمائی ٿو جیڪی پهرین کان رتبی ۾ گھٽ آهن :

 وَمِن دُونِهِمَا جَنَّتَانِ . .... مُدْهَامَّتَانِ . ... . فِیهِمَا عَیْنَانِ نَضَّاخَتَانِ ... فِیهِمَا فَاکِهَةٌ وَنَخْلٌ وَرُمَّانٌ . (رحمٰن ، آیت 62 _ 68)

( ۽ ان ٻن کان علاوه ٻه جنتنون (باغَ) آهن... ٻئی نهایت ئی سرسبز ۽ شاداب آهن. ... اُنھن ٻنھی (باغن) ۾ ڦوھاری وانگر جوش سان پاڻی نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا ... انھن ٻنھی باغن ۾ (ھر جنس جو) میوو ۽ کجیون ۽ ڏاڙھون ھوندا.)


💠جیتوڻیڪ قرآن مجید ۾ بهشت جی درجن ۽ مرتبن جی تعداد ۽ انگ بابت ڪو اشارو ڪونهی، پر ڪن روایتن ۾ بهشت جا سؤ درجا (8) ۽ ڪن روایتن ۾ وری قرآن جی آیتن جی تعداد برابر ڄاڻایا ویا آهن.(9) ۽ ڇو ته ایمان جا درجا محدود ڪونه آهن، تنهنڪری بهشت جی درجن کی سوء واری انگ یا ڪنهن ٻئی انگ ۾ محدود ڪرڻ، اصل ۾ جنت جی درجن جی گھڻائی ٻڌائڻ آهی. (10)

💠 پیغمبر اڪرم(ص) جی هڪ حدیث مطابق، بهشت وارا ڇو ته فضیلت ۽ ڪمال ۾ برابر ڪونه آهن تنهنڪری بهشت ۾ پڻ مختلف منزلتون ۽ مقام رکن ٿا، اهڙی طرح جو بهشت وارا، بهشت جی اعلى مرتبن تی رهندڙن کی ایئن ڏسندا جیئن زمین تی رهندڙ آسمان ۾ تارن ڏانهن نهاریندا هجن.(11)

💠۽ بهشت جو هر درجو، ٻئی درجی کان تمام گھڻو فاصلو رکی ٿو، جیئن ته ڪجھ روایتن جی مطابق، انهن جی وچ جو فاصلو زمین ۽ آسمان جی فاصلی جی برابر آهی.(12)


📚 حوالا:

1) جامع البیان ، مج 9 ، ج 16 ، ص 237 . الیوم الآخر ، ص 237 .  مجمع البیان ، ج 7 ، ص 35 .  المیزان ، ج 3 ، ص 65 

2) الڪشاف ، ج 1 ، ص 476 . التفسیر الڪبیر ، ج 15 ، ص 124 . روح المعانی ، مج 4 ، ج 5 ، ص180.

3) ڪشف الاسرار ، ج 2 ، ص 42 _ 43 .

4) منهج الصادقین ، ج 9 ، ص 112 .  انوار درخشان ، ج 16 ، ص 74 .

5) مجمع البیان ، ج 3 ، ص 293 . الفتوحات المڪیة ، ج 5 ، ص 71 .

6) الفتوحات المڪیة ، ج 5 ، ص 72 .

7) الفتوحات المڪیة ، ج 5 ، ص 72 . تفسیر صدرالمتالهین ، ج 7 ، ص 29 .

8) سنن ابن ماجه ، ج 2 ، ص 1448 .

9) التذڪرة ، ص 537 _ 539 . بحار الانوار ، ج 8 ، ص 186 .  ج 66 ، ص 370 .

10) تصویری از بهشت و جهنم ، ص 250 .

11) مسند ابی یعلی ، ج 2 ، ص 370 . صحیح ابن حبان ، ج 16 ، ص 404 .  المعجم الڪبیر ، ج 6 ص 200 .

12) بحارالانوار ، ج 8 ، ص 89 ، 196 .  زاد المسیر ، ج 5 ، ص 139 .


موافقین ۰ مخالفین ۰ ۹۵/۰۷/۲۴
سید احمد علی نقوی

نظرات  (۰)

هیچ نظری هنوز ثبت نشده است

ارسال نظر

ارسال نظر آزاد است، اما اگر قبلا در بیان ثبت نام کرده اید می توانید ابتدا وارد شوید.
شما میتوانید از این تگهای html استفاده کنید:
<b> یا <strong>، <em> یا <i>، <u>، <strike> یا <s>، <sup>، <sub>، <blockquote>، <code>، <pre>، <hr>، <br>، <p>، <a href="" title="">، <span style="">، <div align="">
تجدید کد امنیتی