حجت مشن

ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد
  • حجت مشن

    ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد

مشخصات بلاگ

این تشکل سال 1385 تاسیس شد که الحمد لله بتوسط آن دو حوزه علمیه در پاکستان اداره می شود
یکی بنام جامعت الحجت ودیگری برای خواهران که بنام جامعة فاطمة الزهرا س می باشد

این تشکل یک انجمن را بنام alilsamforum.com تاسیس نموده که شبهات اعتقادی ودیگر را پاسخ می دهد
وهمینطور یک سایت بنام www.hujjat14.com هم دارد که بزبان سندهی مقالات علمی را بارگذرای می کند

                         ❓ سوال

👇👇👇👇👇👇👇👇

هن وقت الله سائین اسان جی هدایت لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪیو آهی؟


✍  جواب

👇👇👇👇👇👇👇

الله سائین انسان جی  لاءِ هر دور ۾ هدایت جو  بندوبست ڪیو آهی، الله انسانن جی هدایت ڪری ٿو ان ڪری الله جو هڪ نالو هادی به آهی 

هدایت جون ٻه قسمون آهن

عام هدایت ۽ خاص هدایت 

عام هدایت جون ٻه قسمون آهن 

👇👇👇👇👇👇👇

🌹الف : هدایت عمومی  تڪوینی :

الله سائین هر انسان جی هدایت ڪئی آهی ۽ کیس پنهنجی وظیفی ۽ ذمه داری کان آگاه به ڪیو اٿائین قال ربنا الذى اعطا کل شىء خلقه ثم هدى  

ترجمو: موسى) چیو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھی جنھن ھر شیء کی (پاڻو داڻی) رُؤانی بخشی وری ھدایت ڪیائین

هدایت تڪوینی ۾ الله سائین عقل جهڙی نعمت انسان کی عطا ڪئی ته جیئن ان جی ذریعی صحیح ، غلط ۽ حق باطل کی درڪ ڪری سگهی ۽ الله سائین انسان جی فطرت ۾ ڪیتریون اهڙیون شیون رکیون جن جی ذریعی هو ڪیترن ئی حقیقتن کی ڄاڻی ۽ سڃاڻی سگهو ٿو ان جیڪری ئی انسان همیشا ان تڙپ ۾ رهندو آهی ته مان صحیح رستن کی انتخاب ڪری انهن تی هلی سگهان بس انهن جو اهڙی شین ڏانهن رغبت جو هجڻ اهو انسان جی وجود ۾ رکیل آهی جنهن اسان پنهنجی اصطلاح ۾ هدایت تڪوینی یا اندرونی هدایت چئی سگهون ٿا .

ان ڳالهه جی تائید ۾ امام موسى ڪاظم علیه السلام جی نورانی حدیث آڻیون ٿا  إِنَّ لِلَّهِ عَلَى النَّاسِ حُجَّتَیْنِ حُجَّةً ظَاهِرَةً وَ حُجَّةً بَاطِنَةً فَأَمَّا الظَّاهِرَةُ فَالرُّسُلُ وَ الْأَنْبِیَاءُ وَ الْأَئِمَّةُ ع وَ أَمَّا الْبَاطِنَةُ فَالْعُقُولُ. (الکافی ،ج1،ص 15.)  مولا فرمائن ٿا ۡ الله جون انسان تی ٻه حجتون اهن هڪ ظاهری حجت ۽ هڪ باطنی حجت ظاهری حجت ته نبی ۽ رسول ۽ امام علیهم السلام آهن پر باطنی حجت عقل آهن 

🌹    هدایت عمومی تشریعی : انسان ڀلی جان هڪ عقل ۽ شعور رکڻ وارو موجود آهی پر الله سائین پنهنجی لطف سان هدایت تشریعی جو پیغمبرن ۽ نبین جی ذریعی بندوبست به ڪیو آهی حقیقت ۾ تڪوینی هدایت انسان کی اندر مان ٿیندی آهی ۽ تشریعی انسان کی بیرونی  ۽ باهرین طریقی سان ٿیندی آهی ۽ انسان کی پیش ایندڙ خطرن ڏانهن توجهه ڏیاریندی آهی ته جیئن انسان خطرناڪ رستن تان احسن طریقی سان عبور ڪری سگهی اها هدایت پیغمبرن ، اولیاءِ الهی امامن ۽ آسمانی ڪتابن ۽ ان مان آخری ڪتاب قرآن جی ذریعی ٿیندی آهی اهڙی قسم جی هدایت سڀنی لاءِ آهی یعنی عمومی آهی ان ۾ ائین ناهی ته ڪجهه لاءِ ان هدایت جو بندوبست هجی وری ڪجهه لاءِ نه هجی ائین ناهی ان ڪری هدایت کی عمومی چیو وڃی ٿو .

الله تعالى جو قرآن مجید ۾ ارشاد ٿئی ٿو : قُلْ یَا أَیُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءکُمُ الْحَقُّ مِن رَّبِّکُمْ فَمَنِ اهْتَدَى فَإِنَّمَا یَهْتَدِی لِنَفْسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّمَا یَضِلُّ عَلَیْهَا وَمَا أَنَاْ عَلَیْکُم بِوَکِیلٍ  

ترجمو: چؤ ته ای ماڻھؤ بیشڪ اوھان وٽ اوھان جی پالڻھار کان حق آیو آھی، پوءِ جیڪو ھدایت وارو ٿیو سو پاڻ لاءِ ھدایت ٿو لھی، ۽ جیڪو ڀُلو تنھن تی گمراھیءَ ھجڻ کانسواءِ (ٻیو ڪی) نه آھی، ۽ آءٌ اوھان جو ذمی وار نه آھیان

ٻی جاءِ تی آهی :انا هدیناه السبیل اما شاکراً و اما کفورا

ًترجمو: بیشڪ اسان کیس سڌو دڳ ڏسیو (ھاڻی ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئی یا بی شُڪر (سوره انسان آیت 3)

وری فرمان آهی : ان هذا القرآن یهدى للتى هى اقوم و یبشر المؤمنین الذین یعملون الصلحت ان لهم اجراً کبراً

ترجمو : ھیءُ قرآن انھی (واٽ) ڏانھن رستو ڏیکاریندو آھی جیڪا ڏاڍی سِڌی آھی ۽ انھن مؤمنن کی خوشخبری ڏیندو آھی جیڪی چڱا ڪم ڪندا آھن انھن لاءِ وڏو اجر آھی.(سوره اسراء آیت 9)

👆👆اهی سڀ آیتون  پڙهڻ کان بعد ۾ پروڙ پوی ٿی ته هدایت  تشریعی عام آهی ۽ سڀ انسان ان جی ذریعی هدایت حاصل ڪری سگهن ٿا 

🌹رسول خدا صلى الله علیه وآله وسلم اسان لاءِ ٻه وزنی شیون قرآن ۽ اهل بیت  علیهم السلام ڇڏی ویا جن جی ذریعی انسان هدایت حآصل ڪری  سگهن ٿا غیبت واری زمانی ۾  قرآن ۽ سنت ۽ اهل بیت علیهم السلام جا ڏسیل ڏسَ انسانن لاءِ هڪ هدایت لاءِ رکیا ویا آهن ۽ امام زمانه عجل الله فرجه الشریف جو وجود مبارڪ مان به انسانن جی وجود کی فائدو ملندو ٿو رهی پر ظاهری حساب اسان کان مولا غآئب آهن پر تنهن هوندی به بادلن پویان هڪ اوجهل آفتاب جیان انسانن تائین پنهنجو فیض پهچائیندا ٿا رهن 

🌹ان غبیت واری زمانی لاءِ دینی مسائل جی لاءِ اهل بیت علیهم السلام اسان کی علماء ڏانهن رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهی جیڪو هن حدیث مان چڱی ریت سمجهی سگهجی ٿو : وَ أَمَّا الْحَوَادِثُ الْوَاقِعَةُ فَارْجِعُوا فِیهَا إِلَى رُوَاةِ حَدِیثِنَا فَإِنَّهُمْ حُجَّتِی عَلَیْکُمْ وَ أَنَا حُجَّةُ اللَّهِ؛

مختلف مسئلا جڏهن (غیبت واری زمانی ۾) پیش اچن ته پوءِ اسانجی حدیثن جی راوین( عالمن ) ڏانهن رجوع ڪیو اهی (عالم) منهنجی طرفان اوهان تی حجت آهن ۽ مان حجت خدا آهیان 

ان توقیع جی وضاحت ڪندی امام خمینی ره فرمائن ٿا اتی رواة احادیثنا مان مراد مجتهد جامع الشرایط آهن نه راوی ڇو جو مجتهد ئی قوم جی مختلف مسئلن کی بهتر ۽ سٺی طریقی سان حل ڪری سگهی ٿو ۽ امام خمینی ره جن ان روایت مان ان ڳالهه کی بهترین طریقی سان ثابت ڪیو آهی ۽ سڌی ڳالهه آهی امام جڏهن ڪنهن کی پاڻ جیان قوم مٿان حجت قرار ڏی ٿو ان جی شخصیت عام نه هجڻ گهرجی اهو الله جی احڪام کی چڱی ریت ڄاڻیندو هجی ته جیئن اجتهاد ڪری ماڻهن کی مختلف شرعی مسئلا به ٻڌائی سگهی ۽ انهن جو وظیفو ۽ ذمه داری به مشخص ڪری سگهی ۽ ان عظیم ذمه داری کی صرف هڪ مرجع ۽ مجتهد ئی سٺی نمونی سان نڀائی سگهی ٿو (الحکومة الإسلامیَّة: 121 و122 ط. الأُولى 1996 م، مؤسسة تنظیم ونشر تراث الإمام الخمینیّ، الشؤون الدولیة ـ طهران.)

مولا علی علیه السلام فرمائن ٿا : مجاری الامور والاحکام على ایدی العلماء بالله الامناء على حلاله وحرامه (تحف العقول ص 238)

مولا فرمائن ٿا ته : جیڪی عالم حلال حرام بابت اطمینان جوڳا آهن احڪام ۽ امور انهن جی حوالی ڪیو (یعنی پنهنجی ذمیدارن ۽ دینی مسئلن کی معتمد عالمن کان پڇا ڪیو اهی اهی ئی  توهانجا مسئلا بهترین ۽ سٺی طریقی سان حل ڪری سگهن ٿا ۽ دینی مونجهارن ۾ اوهانجی مدد ڪری سگهن ٿا 

🌹ٻین لفظن ۾ ائین کڻی چئجی ته هدایت جو رستو ڪنهن د‍ؤر ۾ به بند ناهی ٿیو همیشا هدایت وارو در کلیل آهی البت ایترو فرق آهی ته امام پنهنجی حضور ۾ نائب خاص کی مقرر ڪندا هئا هاڻی غیبت ڪبرى ۾ مولا جا نائب عام آهن ۽ هر مجتهد مخصوص شرطن جو حامل اهل بیت علیهم السلام جی فرامین کی جاری ڪری سگهی ٿو ۽ انسانیت انهن جی ڏنل احڪامن تی پئی عمل ڪری ٿی.

 🌹     خاص هدایت : 

هدایت عمومی ۽ عام هدایت جون جیڪی ٻه مٿی قسمون بیان ڪیون سین انهن کانسواءِ هڪ ٻی هدایت به آهی جنهن کی هدایت خصوصی ۽ خاص هدایت چیو وڃی ٿو اها هدایت انهن ماڻهن لاءِ آهی جیڪی انسان عام هدایت تی چڱی ریت ۽ ڀلی ڀت عمل ڪن ٿا الله سائین انهن جی دلین کی روشن ڪری ڇڏی ٿو ۽ غیبی مدد جی ذریعی الله سائین انهن جی توفیقن ۾ اضافو ٿو ڪری جن جی ذریعی هو رب جی اڃان وڌیڪ ویجهو ٿین ٿا ان ڳالهه ڏانهن ڪافی سارین آیتن ۾ به ذڪر ٿیو آهی

وَالَّذِینَ جَاهَدُوا فِینَا لَنَهْدِیَنَّهُمْ سُبُلَنَا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ الْمُحْسِنِینَ ( عنڪبوت آیت 69)

ترجمو :   ۽ جن اسان جی واٽ ۾ ڪوشش ڪئی تن کی ضرور پنھنجون واٽون ڏیکارینداسون، ۽ بیشڪ الله ڀلارن سان گڏ آھی. 

شَرَعَ لَکُم مِّنَ الدِّینِ مَا وَصَّى بِهِ نُوحًا وَالَّذِی أَوْحَیْنَا إِلَیْکَ وَمَا وَصَّیْنَا بِهِ إِبْرَاهِیمَ وَمُوسَى وَعِیسَى أَنْ أَقِیمُوا الدِّینَ وَلَا تَتَفَرَّقُوا فِیهِ کَبُرَ عَلَى الْمُشْرِکِینَ مَا تَدْعُوهُمْ إِلَیْهِ اللَّهُ یَجْتَبِی إِلَیْهِ مَن یَشَاء وَیَهْدِی إِلَیْهِ مَن یُنِیبُ (سور شورا آیت 13)

ترجمو: اوھان لاءِ اھو دین مُقرّر ڪیائین جنھن (جی قائم ڪرڻ) جو نُوح کی حُڪم ڪیو ھوائین ۽ جیڪو توڏانھن به وحی ڪیوسین ۽ اُھو جنھن (جی قائم ڪرڻ) جو ابراھیم ۽ مُوسىٰ ۽ عیسىٰ کی حُڪم ڪیوسون ته دین کی قائم ڪریو ۽ منجھس ڌار ڌار نه ٿیو، مُشرڪن کی اُھا (ڳالھ) ڏکی لڳی جنھن ڏانھن کین سڏیندو آھین، الله جنھن کی گھُری (تنھن کی) پاڻ ڏانھن چونڊیندو آھی ۽ جیڪو (ڏانھس) ورندو آھی تنھن کی پاڻ ڏانھن ھدایت ڪندو آھی.

حوالا 📚👇👇👇

 1⃣  طه آیت نمبر 50

 2⃣ سوره یونس ایت 108 

 3⃣سوره عنڪبوت آیت 69

 4⃣  سوره شورا آیت 13

5⃣حر عاملی، محمد بن الحسن، وسائل الشیعه، ج 27، ص 140،موسسه آل البیت، قم، 1409هجری،

6⃣(تحف العقول ص 238

7⃣الحکومة الإسلامیَّة: 121 و122 ط. الأُولى 1996 م، مؤسسة تنظیم ونشر تراث الإمام الخمینیّ، الشؤون الدولیة ـ طهران.

8⃣(سوره اسراء آیت 9)

9⃣(الکافی ،ج1،ص 15.

🍁 ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

⚪ aqaedi guftugoo group

📱telegram.me/ thejawab

موافقین ۰ مخالفین ۰ ۹۵/۰۷/۲۴
سید احمد علی نقوی

نظرات  (۰)

هیچ نظری هنوز ثبت نشده است

ارسال نظر

ارسال نظر آزاد است، اما اگر قبلا در بیان ثبت نام کرده اید می توانید ابتدا وارد شوید.
شما میتوانید از این تگهای html استفاده کنید:
<b> یا <strong>، <em> یا <i>، <u>، <strike> یا <s>، <sup>، <sub>، <blockquote>، <code>، <pre>، <hr>، <br>، <p>، <a href="" title="">، <span style="">، <div align="">
تجدید کد امنیتی