خدا ڪنهن شی جو ارادو ڪندو آهی ته ٿی ویندی آهی ته پوءِ آسمانن ۽ زمین جی خلقت ڇهن ڏینهن ۾ ڇو ؟؟
❓❓❓❓
سلام سائین
خداوند تعالی جب کسی چیز کا ارادا کرتا ھے تو اسے کھتا ھو تو وه ھوجاتی ھے
پھر کیا وجه ھے کے الله تعالی دوسری جگه قرآن میں فرماتا ھے ھم نے آسمان و زمیں کو چھ د ونوں میں بنایا اگر خدا اراده کرتا تو وه بن جاتی اس پر روشنی
👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾👆🏾
✍ جواب
👇👇👇👇👇👇
لیکڪ : مولانا سید احمد علی نقوی
🍂الله سائین جی قدرت جی ڪا به حد ناهی اهو هرشی ءِ تی قادر آهی جنهن کی جڏهن چاهی انجام ڏئی سگهی ٿو ڪا به شِیءِ ان جی قدرت کان ۽ وس کان ٻاهر ناهی هاڻی الله سائین جو آسمان ۽ زمین کی ڇهن ڏینهن ۾ خلق ڪرڻ ان ڳالهه جی خلاف ۽ منافی ناهی جو نعوذ بالله الله ان تی قادر نه هیو بلڪ هن دنیا جو نظام اهڙی طریقی سان جوڙیو ویو آهی جو ان کی ان مطابق هلائڻ جو ارادو ڪیو اٿائین هن دنیا جا ڪجهه قانون آهن ان مطابق ئی هی دنیا خلق ڪئی وئی ۽ هلی رهی آهی الله سائین به اهو ئی ارادو ڪیو ته آسمان ۽ زمین کی انهن سببن جی بنیاد تی خلق ڪیان تنهن جیڪری آسمان ۽ زمین ڇهن ڏینهن ۾ خلقیا ویا (اها ڳالهه هرگز ان جی منافی ناهی ته الله سائین ان تی قادر نه هیو بلڪی ائین کڻی چوان ته ان جو ارادو ئی ڇهن ڏینهن ۾ خلقڻ هیو
حوالا🔰🔰🔰🔰
1⃣ قرآن هو الّذى خلق السّموات و الارض فى ستّة أیّامٍ سوره هود آیه 7
2⃣ مجموعه آثار شهید مطهری ج4 ص 624
3⃣ "ابى اللّه ان یجرى الاشیاء الّا باسباب"به نقل از مجموعه آثار ،ج1،ص 408