حجت مشن

ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد
  • حجت مشن

    ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد

مشخصات بلاگ

این تشکل سال 1385 تاسیس شد که الحمد لله بتوسط آن دو حوزه علمیه در پاکستان اداره می شود
یکی بنام جامعت الحجت ودیگری برای خواهران که بنام جامعة فاطمة الزهرا س می باشد

این تشکل یک انجمن را بنام alilsamforum.com تاسیس نموده که شبهات اعتقادی ودیگر را پاسخ می دهد
وهمینطور یک سایت بنام www.hujjat14.com هم دارد که بزبان سندهی مقالات علمی را بارگذرای می کند

بسم الله الرحمن الرحیم 

حضرت حبیب ابن مظاهر ( ڪربلا جو پیرسن مرد مجاهد)   

لیکڪ : سید احمد علی نقوی 

امام حسین علیه السلام جی تحریڪ ۾ هر عمر جا ماڻهو شریڪ هئا ، کیر پیاڪ ٻارن کان وٺی پیرسن ۽ ٻڍڙن مجاهدن تائین ، سید الشهداء علیه السلام جی عاشقن اهڙی ته فداڪاری جو مظاهرو ڪیو جو هر انسان لاءِ سندن  قربانی نمونی عمل بڻجی وئی .

جنهن مرد مجاهد جو اسان ذڪر ڪرڻ چاهیون ٿا اهو پیر مرد حضرت حبیب ابن مظاهر آهی ، جنهن کی رسول اڪرم ص جی صحابی هجڻ جو به شرف حاصل آهی ۽ امام المتقین جی وفادار ۽ پیروڪار هجڻ جو به اعزاز حاصل آهی.

نالو ۽ نسب 

حبیب ابن مظاهر یا ( مُظهر) بن رئاب ابن اشتر بن حجوان بن قفعس بن طریف بن عمرو بن قیس بن حارث بن ثعلبه بن دودان بن اسد اسدی ڪندی فقعسی  

قدیمی منابع ۾ والد جو نالو مُظاهر  ڪٿی مُظهَّر  ڪٿی  ڪٿی مطهّر ذڪر ڪیو ویو آهی ،  مامقانی  جیئن زیارتن ۾ نالو مشهور آهی مُظاهر کی درست قرار ڏنو آهی . پر سید محسن امین تاریخی ڪتابن تی اعتماد ڪندی مظهر کی درست قرار ڏنو آهی  

فضائل 

رسول خدا ص جی بعثت کان هڪ سال اڳ ۽ هجرت کان چوڏهن سال اڳ بنی اسد قبیلی ۾ یمن جی سرزمین تی حضرت حبیب ابن مظاهر اسدی  جی ولادت ٿئی ، 9 هجری تی پنهنجی ڪٽنب ۽ قبیلی سان گڏ مدینی آیا ۽ اتی ئی سڪونت اختیار ڪیائون ، ننڍپڻ ۾ ئی  امام حسین بن علی ابن ابیطالب سان دوستی ٿی وئی  ۽ ننڍپڻ ۾ ئی امام حسین جو وڏو احترام ڪندا هئا مزی جی ڳالهه ته اها آهی جو سندن ننڍپڻ جا اها ڏینهن هئا  جن ڏینهن ۾ پاڻ سڳورا ڪافرن ۽ مشرڪن کی توحید جی دعوت ڏئی رهیا هئا، حضرت حبیب جی امتیازن مان هڪ اهو آهی جو سندس جوان ٿیندی ئی ڪافرن ۽ مشرڪن جی وڏیرائپ ختم ٿی ۽ اسلامی حڪومت قائم ٿی چڪی هئی ، ان سنهری دور ۾ پاڻ سڳورن ص جو هر جنگ ۾ ساٿ ڏنائون . پاڻ سڳورن ص جی بابرڪت وجود مان اهڙو ته فیض حاصل ڪیائین جو تاریخ  اسلام ۾ ان مرد مجاهد جی قربانی ۽ فداڪاری کی همیشا یاد ڪیو وڃی ٿو .

حضرت حبیب هڪ عابد متقی ۽ پارسا انسان هئو ، پوری قرآن جو حافظ هیو  ، راتین جی تاریڪین ۾ رب جی عبادت ڪندڙ هئو ، امام حسین علیه السلام حبیب لاءِ فرمایو : حبیب هر رات قرآن جو ختم ڪڍندو آهی ، سندس زندگی نهایت ئی سادی ۽ پاڪ هئی ، جڏهن مولا امام حسین ع جی بیعت ڪیائین ڪجهه خبیثن حبیب کی مال دولت جی لالچ ڏنی پر حبیب انهن کی رد ڪندی چیو :فرزند رسول اڪیلو قتل ڪیو وڃی اسان زندا رهون اهو ٿی ئی نٿو سگهی جیڪڏهن اسان ائین ڪیون ته رسول خدا ص کی ڪهڙو منهن ڏیکارینداسین  

رسول خدا  ص جی زمانی ۾ 

حضرت حبیب پاڻ سڳورن جا صحابی هئا یا نه ان ۾ اختلاف آهی 

ابن ڪلبی   ۽ ابن حجر عسقلانی   پنهنجی ڪتابن ۾ لکیو آهی ته حضرت حبیب پاڻ سڳورن جی صحآبین مان آهن 

شیخ طوسی  کیس اصحاب رسول خدا ۾ نه لکیو آهی بلڪی امام علی ، امام حسن ۽ امام حسین جی اصحابن جی فهرست ۾ لکیو آهی . اهڙی طرح اسد الغابة ، الاستیعاب  به کیس پاڻ سڳورن ص جی صحابین ۾ نه لکیو آهی 

مولا علی علیه السلام جی ظاهری خلافت 

مولا علی علیه السلام جی ظاهری خلافت واری دور ۾ به حضرت حبیب جنگ جمل هجی یا صفین یا نهروان مولا سان همیشا گڏ رهیا ، ۽ جنگ جمل لاءِ مولا متقیان سان گڏ بصره جا راهی ٿیا ۽ جنگ ختم ٿیندی ئی ڪوفی ۾ رهڻ لڳا ، حضرت حبیب عام سپاهی نه هئا بلڪی مولا جی فوج ۾ مختلف ٽولا ۽ گروپ هئا انهن مان هڪ فوج جو نالو تاریخ ” شرطة الخمیس “ لکیو آهی، حضرت حبیب ابن مظاهر ان فوج جا سپه سالار ۽ سردار هئا  ، حضرت حبیب جی جنگی مهارت ۽ بصیرت جو ان مان اندازو لڳائی سگهجی ٿو ته حضرت میثم تمار همیشا حبیب ابن مظاهر ۽ رُشیخ هَجَری سان جنگ جی طور طریقن ۽ ایندڙ حڪمت عملیءَ بابت مشورو ڪندا هئا  ،

امام حسن جی امامت وارو دور

امام حسن علیه السلام جی امامت واری دور ۾ امام کان اهڙو ته صبر جو درس پرایائون جو مولا سان ایڏا ظلم پنهنجی اکین سان ڏسندی به مولا جی امر جی ڪری سدائین خاموش رهیا بهادری اها ناهی هوندی جو انسان تلوار کڻی میدان جنگ ۾ اچی بلڪی سن کان وڏی بهادری اها آهی جو انسان زمانی جی بهترین انسان تی ظلم ٿیندی ڏسی وری به انسان هادین جی هدایت تی هلی ڪری صبر ۽ سڪوت اختیار ڪری .

 ڪوفین جا خط ۽ حضرت حبیب جو ڪردار

  جڏهن امام حسین علیه السلام یزید جی بیعت نه ڪئی ۽ مدینی کان مڪی ڏانهن هجرت ڪیائون ، ڪوفین امام ڏانهن ڪجهه خط موڪلیا ویا جن ۾ اهو لکیل هیو ته مولا اوهان قیام ڪیو اسان اوهان سان گڏ آهیون ، انهن خطن سڀ کان پهریون خط جیڪو لکیو ویو هیو ان خط ۾ چئڻ ڄڻن جون مهرون ۽ دستخط هئا 1 سلیمان بن صرد خزاعی 2 مسبب بن نجبه 3 رفاعه بن شدّاد 4 حبیب ابن مظاهر . 

امام حسین علیه السلام حضرت مسلم بن عقیل کی ڪوفی پنهنجو سفیر ڪری موڪلیو ته جیئن اتان جو جائزو وٺی اچن ، حضرت مسلم جی ڪوفی پهچڻ سان ئی حبیب بن مظاهر  ۽ حصرت مسلم بن عوسجه ماڻهن کان لڪی ڪری امام حسین جی بیعت وٺڻ شروع ڪئی ۽ سندن ڪوشش هئی ته ڪو لشڪر تیار ڪری پنهنجی مولا جی خدمت ۾ حاضر ٿیان ، پر عبید الله ابن زیاد جی مڪاری ۽ ظلم جیڪری حبیب ۽ سندس قبیلی وارا ڪجهه دیر لاءِ لڪی ویا ته جیئن ان جی ظلم کان بچی سگهجی ۽ موقعو ملندی ئی مولا جی خدمت ۾ حاضر ٿجی  

محبوب جو سنیهو 

امام حسین علیه السلام ڪوفی اچڻ کان پهریان حضرت حبیب نالی هڪ خط لکیو 

ای حبیب ! توکی خبر آهی ته مان رسول خدا ص جو ڪیر آهیان ان سان منهنجو ڪهڙو رشتو آهی ، تون با اخلاق ۽ هڪ غیرتمند انسان آهین ، اسان جی واٽ ۽ رستی ۾ پنهنجی جان ڏیڻ کان ڪڏهن به نه ڪیٻائجان ، منهنجو نانو رسولخدا صلى الله علیه وآله وسلم  قیامت واری ڏینهن ان جو توکی اجر عنایت ڪندا  

ڪربلا جو راهی 

مولا جی ان خط کان بعد ۾ حضرت حبیب ابن مظاهر ڪربلا جو راهی ٿیو ، ابن زیاد جیڪی به رستا امام حسین علیه السلام جی ڪاروان ڏانهن وڃن سڀ بند ڪری ڇڏیا هئا ، پر حضرت حبیب ابن زیاد جی شیطان ڪارندن کان لڪندی راتین جو سفر ڪری نیٺ ست محرم تی ڪاروان حسینی سان وڃی ڪربلا ۾ ملیا  

حضرت حبیب جی ڪربلا ۾ امام حسین ع جی لشڪر تی نظر پئی ته مولا کان اجازت وٺندی چیائین مولا اجازت ڏیو ته مان ـ قبیله بنی اسد “ کی به اوهانجی مدد لاءِ وٺی اچان ، حضرت حبیب قبیلی بنی اسد کی راضی ڪیو پر عمر بن سعد کی جیئن خبر پئی انهن کی ڪربلا اچڻ نه ڏنائین  

حبیب ابن مظاهر جی جیڪڏهن زندگیءَ تی نظر وجهون ٿا ته سندن زندگی اطاعت اهل بیت ۾ گذری آهی رسول خدا ص جی دور کان وٺی سید الشهداء علیه السلام جی زمانی تائین همیشا سر تسلیم خم نظر آیا، 

عصر تاسوعا ( نائین محرم )

حبیب ابن مظاهر نائین واری ڏینهن جڏهن عمر ابن سعد جو هڪ شخص خط کڻی آیو ان کی نصیحت ڪندی چیو : انهن ظالمن ڏی وری واپس موٽی نه وڃجانءِ .  نائینءَ جی شام جو جڏهن یزید جی لشڪر مولا حسین ع جی لشڪر تی حملو ڪرڻ ٿی گهریو حضرت حبیب انهن کی روڪیندی چیو توهان کی خبر ناهی توهان ڪنهن سان دشمنی ڪئی آهی مولا حسین جا فضائل ۽ صفتون بیان ڪندی انهن کی ان حملی کان روڪیائین  

شب عاشور

ڏهه محرم واری رات هلال بن نافع چئی ٿو ته جڏهن اصحاب حسینی کی سائڻ زینب عالیه س جی پریشانی جی خبر پئی ، مولا حشین جی بارگاه ۾ مان ۽ حبیب سڀنی صحابین کی آندوسین ، ۽ اتی مولا جی محضر ۾ اهو اعلان ڪیوسین ته خون جی آخری قطری ته ای اسان جا مولا ! اسان توهان سان ۽ توهانجی خاندان سان  گڏ آهیون ۽ توهان جا حامی ۽ مددگار آهیون  

روز عاشور

امام حسین علیه السلام جڏهن ڏهین واری ڏینهن خطبو ڏیندی پنهنجو حسب ۽ نسب بیان ڪندی فرمایو ته توهان کی نانی رسول جی  هی حدیث ” هذان سیدان شباب اهل الجنة “ هی (حسن ۽ حسین ) جنت جی جوانن جا سردار آهن) وسری وئی آهی  ، توهان ۾ ڪیترا ئی آهن جن نانی رسول کان اها حدیث ٻڌی هئی . ایتری ۾ شمر خبیث چیو مان جیڪڏهن تنهنجی ڳالهه ٻڌم ڄڻ خدا تی شڪ ۽ تردید جی صروت ۾ عبادت ڪیم ، ایتری ۾ حضرت حبیب شمر ملعون کی جواب ڏیندی فرمایو : تون ته جڏهن الله جی عبادت به شڪ ۽ وسوسی جی صروت ۾ ڪندو آن مان گواهی ڏیان ٿو ته تون سچ چوین ٿو ڇو جو تون کی معصوم جو ڪلام سمجهه ۾ ئی نه ایندو ان ڪری جو تنهجو دل ڪارو ۽ پلیت ٿی چڪو آهی ۽ ان تی مهر لڳی وئی آهی  

جڏهن ابوثمامه امام حسین کی نماز جو وقت یاد ڏیاریو امام فرمایو : انهن یزیدن کی چئو ته جنگ بند ڪن ته جیئن نماز پڙهی سگهون ، ایتری ۾ حصین بن نمیر چیو : توهانجی نماز قبول ناهی . حبیب ابن مظاهر کیس جواب ڏیندی فرمایو : الله جی رسول جی خاندان جی نماز قبول ناهی ۽ ای شرابی گڏهه تنهنجی نماز قبول آهی ، حبیب غیظ وغضب ۾ اچی ویو ۽ حصین تی حملو ڪیائین ۽ ان جی گهوڙی جی منهن ۾ تلوار هنیائین ایتری ۾ حصین بن نمیر جی لشڪر حصین کی حضرت حبیب کان بچائی ورتو نه ته حصرت حبیب ان کی اتی ئی فی النار ڪری ها  

حضرت مسلم بن عوسجه جڏهن جنگ ڪندی ڪندی زخمی ٿی زمین تی آیا ، مولا حسین ۽ حبیب ان وٽ آیا امام حسین فرمایو : ای مسلم الله تنهنجی مغفرت ڪری ۽ هن آیت جی تلاوت ڪئی ”فمنهم من قضى نحبه ومنهم من ینتظر وما بدلوا تبدیلا “ حبیب سندس ڀرسان اچی ڪری فرمایو : مسلم تنهنجی شهادت منهنجی لاءِ ڏاڍی ناگوار آهی پر مان تون کی جنت جی بشارت ۽ خوشخبری ٿو ڏیان ، مسلم بن عوسجه چیو : الله تون کی ڀلائی جی بشارت ڏی حبیب چیو : ای مسلم اگر منهنجی شهادت جو وقت ویجهو نه هجی ها مان تون کان وصیت پڇا ڪری ان تی عمل ڪیان ها ۽ ان حق کی ادا ڪیان ها . مسلم بن عوسجه مولا حشین ڏانهن اشارو ڪندی فرمایو : تون کی مان وصیت ٿو ڪیان پنهنجی جان حسین جی راه ۾ قربان ڪجان . حبیب چیو مان تنهنجی ان وصیت تی عمل ڪندس  

حضرت حبیب جی رجز خوانی 

میدان نبرد ۾ حضرت حبیب هی شعر پڙهیا 

انا حبیب و ابی مظاهر                                          فارس هیجاء و حرب تسعر

و انتم عند العدید اکثر                                           و نحن اعلی حجة و اظهر

و انتم عند الوفاء اغدر                                           و نحن اوفی منکم و اصبر  


مان حبیب آهیان ، منهنجو بابو مظاهر آهی ، مان جنگ جی میدان ۾ بهادرن وانگی جنگ ڪندو آهیان ، جیتوڻیڪ توهان جو تعداد گهڻو آهی پر مان الله جی حجت جو پیروڪار آهیان ، توهان جیڪو ( الله ۽ ان جی رسول سان واعدو ڪیو هیو ) ان سان خیانت ڪئی آهی ، پر اسان پنهنجی واعدن جی وفا ڪرڻ وارا ۽ صبر ڪرڻ واران مان آهیون .

حضرت حبیب جی شهادت

بدیل بن صریم  حضرت حبیب تی تلوار سان وارُ ڪیو ، ۽ ایتری ۾ هڪ ٻئی شقی کین نیزو هنیو ، ان کانپوءِ حضرت حبیب گهوڙی تان زمین تی ڪری پیا ، پر زمین تان اٿڻ اڃان چاهن ئی پیا ته حصین بن تمیم تلوار سان مٿی تیوار ڪیو ، تمیمی گهوڙی تان لهی اڃان سندن سر بدن کان جدا ڪرڻ ٿئی چاهیو ته حصین تمیمی کی چیو مان تنهنجو ان جی قتل ڪرڻ ۾ حصیدار آهیان ، ۽ سر مونکی ڏئی ته جیئن مان فوج کی ٻڌائی سگهان ته مان حبیب کی قتل ڪیو آهی باقی ان جی انعام ۾ منهنجی ڪا به لالچ ناهی ، جڏهن ابن زیاد انعام ورهائی تون ڀلی ان کان انعام وٺجان ، ان خبیث حضرت حبیب جی سر کی پنهنجی گهوڙی جی ڳچیءَ ۾ ٽنگی ڪری ابن زیاد وٽ کڻی ویو ، ایتری ۾ امام حسین علیه السلام حضرت حبیب جی لاش تی اچی پهتا ، مولا فرمایو : مان قیامت واری ڏهاڙی پنهجو ۽ اصحاب جو حساب وٺندس  ۽ مولا هن آیت کی بار بار پڙهی رهیا هئا : انّا لله وانّا الیه راجعون ،  ڪجهه روایتن ۾ ائین آیو آهی : مولا حسین فرمایو : حبیب توتی سلام تون هر رات قرآن جو  ختم ڪڍندو هئین  ، امام زمانه عجل الله فرجه الشریف زیارت ناحیه  مقدسه ۾ فرمائن ٿا : السلام على حبیب بن مظاهر الاسدی ای ! حبیب بن مظاهر تون تی سلام هجی  

نبش قبر 

حضرت حبیب بن مظاهر جی مزار امام حسین علیه السلام جی ڀڪ سان آهی جڏهن به زوار ڪربلا سید الشهداء جی زیارت لاءِ ویندا آهن حضرت حبیب جی زیارت به پڙهندا آهن ، ڪجهه ڪتابن ۾ ملی ٿو ته نادر بادشاه حضرت حبیب جی قبر کی روضه سید الشهداء مان منتقل ڪرڻ ٿئی چاهیو ته ایڏی ته تیز هوا ۽ آنڌی آئی جو سڀ بیهوش ٿی ویا ۽ جیئن نادفر بادشاه کی هوش آیو توبه ڪیائین ۽ حڪم ڏنائین ته ان جی قبر ڍڪی ۽ تعمیر ڪیو   

حضرت حبیب جی زیارت

 (السَّلامُ عَلیْکَ أَیُّهَا العَبْدُ الصَّالِحُ المُطِیعُ للهِ وَلِرَسُولِهِ وَلأَمِیرِ المُؤْمِنِینَ وَلِفاطِمَةَ الزَّهْرَاءِ وَالحَسَنِ وَالحُسَیْنِ عَلَیْهِمُ السَّلامُ الغَرِیبُ المُواسِى، أَشْهَدُ أَنَّکَ جَاهَدْتَ فِى سَبِیلِ اللهِ، وَنَصَرْتَ الحُسَیْنَ بْنَ بِنْتِ رَسُولِ اللهِ، وَوَاسَیْتَ بِنَفْسِکَ، وَبَذَلْتَ مُهْجَتَکَ، فَعَلَیْکَ مِنَ اللهِ السَّلامُ التَّامُّ، السَّلامُ عَلَیْکَ أَیُّهَا القَمَرُ الزَّاهِرُ، السَّلامُ عَلَیْکَ یَا حَبِیبَ بنَ مُظاهِرِ الأَسَدِى وَرَحْمَةُ اللهِ وَبَرَکاتُهُ)

والسلام مع الاڪرام     


موافقین ۰ مخالفین ۰ ۹۵/۰۷/۲۴
سید احمد علی نقوی

نظرات  (۰)

هیچ نظری هنوز ثبت نشده است

ارسال نظر

ارسال نظر آزاد است، اما اگر قبلا در بیان ثبت نام کرده اید می توانید ابتدا وارد شوید.
شما میتوانید از این تگهای html استفاده کنید:
<b> یا <strong>، <em> یا <i>، <u>، <strike> یا <s>، <sup>، <sub>، <blockquote>، <code>، <pre>، <hr>، <br>، <p>، <a href="" title="">، <span style="">، <div align="">
تجدید کد امنیتی