حجت مشن

ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد
  • حجت مشن

    ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد

مشخصات بلاگ

این تشکل سال 1385 تاسیس شد که الحمد لله بتوسط آن دو حوزه علمیه در پاکستان اداره می شود
یکی بنام جامعت الحجت ودیگری برای خواهران که بنام جامعة فاطمة الزهرا س می باشد

این تشکل یک انجمن را بنام alilsamforum.com تاسیس نموده که شبهات اعتقادی ودیگر را پاسخ می دهد
وهمینطور یک سایت بنام www.hujjat14.com هم دارد که بزبان سندهی مقالات علمی را بارگذرای می کند

شنبه, ۲۴ مهر ۱۳۹۵، ۰۱:۰۷ ب.ظ

امام حسین ؑ جون امتیازی خصوصیات

 

امام حسین ؑ جون امتیازی خصوصیات

سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی

مهاڳ

سڀ  تعریفون ان الله لاءِ آهن جیڪو   سڀ جو پالڻهار آهی  درود ۽ سلام آهی ان جی موڪلیل نبی حضرت محمد مصطفى ص ۽ سندن آل تی  لعنت هجی انهن  جی دشمنن تی 
درود ۽ سلام کان بعد ۾   دل گهریو ته ڇو نه اهل بیت   جی ان هستیءَ جی ساراهه ۽ واکاڻ  ۽  ثنا ۾  ٻه اکر لکان جیڪو عالم انسانیت کی نجات ڏیڻ وارو آهی   امام حسین ع جی مقدس ذات کی الفاظ ۽ اقوال جی آئینی ۾ آڻڻ۽ یا وری ان جی ساراهه ۽ واکاڻ ڪرڻ ڪنهن جی وس جی ڳالهه ناهی پر وسَ آهر امام حسین علیه السلام جی لاءِ مخصوص خاصیتن کی ذڪر ڪجی ٿو  

ولادت تی روئڻ 

شیخ طوسی رح ۽ ٻین  نالی وارن عالمن ڀروسی واری سند سان امام رضا  کان نقل ڪیو آهی ته جڏهن امام حسین  جن جی ولادت ٿئی ته رسول اڪرم  ، اسماء بنت عمیس کی فرمایو : ای اسماء ! منهجو پٽ مون ڏی کڻی اچ، اسماء چوی ٿی ته مان کین  کی سفید ڪپڙی ۾ ویڙهی حضرت رسالتمآب جی خدمت ۾ کڻی آیس ، پاڻ  کین هنج ۾ ورتو  ۽ سندن ساڄی ڪن ۾ اذان کاٻی ڪن ۾ اقامت چئی پوءِ جبریل نازل ٿیو ۽ عرض ڪیو ته خداوند عالم اوهان کی سلام ٿو چوی ۽ فرمائی ٿو ته جیئن علی جی نسبت اوهان سان ائین ئی آهی جیڪا هارون کی موسى سان هئی ، تنهن ڪری هن جو نالو هارون جی ننڍی پٽ وارو رکوجیڪو (نالو) شبیر آهی ۽ جیئن ته اوهان جی ٻولی عربی آهی تنهن ڪری نالو حسین  رکو پوءِ رسول خدا کین کنیو ، بوسو ڏنو ۽ روئڻ لڳا ۽ فرمایائون تون کی عظیم مصیبت آڏو آهی ، خدایا هن کی قتل ڪرڻ واری تی لعنت نازل ڪر پوءِ فرمایو : ای اسماء اها ڳالهه فاطمة  کی نه ٻڌائجان .

فرشتی فطرس  لاءِ نجات جو سبب

امام صادق  کان روایت آهی ته جڏهن امام حسین ع جی ولادت ٿی ته خداوند عالم جبرائیل کی حڪم ڏنو هڪ هزار فرشتن سان گڏجی زمین تی وڃی حضرت رسول اڪرم کی منهنجی ۽ پنهنجی پاران مبارڪباد چئو . جڏهن جبریل اچی رهیو هیو ته سندن گذر دریاء جی هڪ ٻیٽ تان هڪ ملائڪ وٽان ٿیو جنهن کی فطرس چوندا هئا جیڪو حاملین عرش الهی مان هیو جڏهن فطرس اهو ڏٺو ته جبریل ملائڪن سان گڏ هیٺ لهی رهیو آهی ته جبریل کان هن پڇیو ڪاڏی وڃڻ جو ارادو آهی ؟ جبریل  وراڻیو :مان رسول خدا  کی مبارڪباد ڏیڻ ٿو وڃان . فطرس چیو مون کی وٺی هلو شاید رسول خدا  منهنجی لاءِ دعا فرمائن ۽ الله تعالى مون کان درگزر فرمائی ، تڏهن جبریل پاڻ ساڻ کنیو ۽ جڏهن حضور  جی خدمت ۾ حاضر ٿیا ۽ مبارڪ پیش ڪئی ۽ فطرس جی حالت جو تفصیل بیان ڪیو ته حضور اڪرم  فرمایو کیس چئو ته هو پنهنجو پاڻ کی مولود مبارڪ سان مس ڪری ۽ ملی پوءِ پنهنجی مقام ڏانهن وڃی فطرس پنهنجو جسم مولا امام حسین ع سان  ملیو ، ته سندس وار ۽ پر ڦٽی آیا ۽ مٿی وڃڻ مهل چئی رهیو هیو من مثلی انا عتیق الحسین ع مان جهڙو ڪیر آهی مان حسین  جو آزاد ڪیل آهیان  

امام حسین ع جی عظمت 

روایت ۾ آهی ته امام حسین ع جن فرمایو : مان رسول خدا  جی ڪچهری ۾ ویس اتی ابی بن ڪعب پڻ هیو مون کی نبین جی سردار ایندی ئی چیو ای ابا عبدالله 1 تون زمین ۽ اسمانن جی زینت آهین جڏهن ته تون کانسواءِ ڪو به ائین نه آهی ان کان پوءِ ابی ڏانهن  مخاطب ٿی ڪری فرمایائون مون کی قسم آهی رب ذوالجلال جی ۽ جنهن مون کی نبی ڪری موڪلیو ته حسین  جی عظمت اسمان ۾ زمین کان وڌیڪ آهی  

 هدایت جو چراغ نجات جی ٻیڙی

سید الشهداء ع جی برڪتن مان منجهان هڪ اها آهی ته مولا هدایت جو چراغ ۽ ڪشتی نجات آهن جیتوڻیڪ سڀ نبی ص ۽ امام نجات جی ڪشتی آهن پر پاڻ سڳورن   جی هی حدیث ان الحسین مصباح الهدى وسفینة النجاة  بیشڪ حسین  هدایت جو چراغ ۽  نجات جی ڪشتی آهی  شاید ان جو اهو ئی ڪارڻ آهی جو مولا امام حسین اها هستی آهی جنهن  ان وقت خدا جی دین کی بچایو جڏهن دین جو اصلی روپ مٽجی چڪو هو دین جی ڪشتی جا سڀ سوار اهڙین لهرین ۽ ڇولین ۾ اچی ویا جو ان ڪشتیءَ ( ٻیڙی) جی ٻڏجڻ کانسواءِ ڪا سوچ ڪنهن جی ذهن ۾ ڪانه ٿئی آئی  اوچتو ان ٻڏندر ڪشتی جی ویجهو هڪ اهڙی ٻیڙی اچی بیٺی جنهن جو اڳواڻ مولا امام حسین  هیو جنهن انهن سڀنی بڏندڙن کی جن مولا جی سفینی نجات جی سواری قبول ڪئی  اچی اهڙی ڪناری تی پڄایو جیڪو نجات جو ڪنارو هیو ڪناری تی پڄڻ کانپوءِ دین صدا ڏنی شاه است حسین بادشاه است حسین دین است حسین دین پناه است حسین ای حسین تنهجا لک ٿورا جو اهڙی انڌیری ۾ اچی پنهنجی شهادت جو چراغ روشن ڪیئی جتی ڪنهن کی به رستی جی خبر نه هئی ، حق باطل جی تمیز نه هئی  ای حسین تون ئی حقیقت ۾ هدایت جو چراغ آهین.

امام حسین ع جو بهترین طعام 

 علل الشرائع ۾ روایت آهی ته امام حسین ع جی کیر پیئڻ جی حالت ان ریت هئی . ایستائین جو سندن گوشت رسول جی گوشت مان بڻیو ۽ حسین ع ،جناب فاطمة س ۽ کانئن سواءِ ڪنهن جو به کیر نه پیتو، کین سرڪار رسالت ص جی خدمت ۾ آندو ویندو هیو حضرت پنهنجی چیچ مبارڪ سندن وات ۾ رکندا هئا ۽ پاڻ  چوسیندا هئا ۽ اهو چوسڻ ٻن ٽن ڏینهن تائین ڪفایت ڪندو هیو تنهنڪری حسین ع جو گوشت ۽ خون رسول خدا جی خون مان پیدا ٿیو ان لاءِ هڪ عرب شاعر شعر چیو آهی 

لله مرتضع لم یرتضع ابدا     من ثدیِ انثى ومن طه مراضعه  الله جو مخصوص آهی اهو کیر پیاڪ ٻار جنهن ڪنهن عورت جی ٿڻن مان کیر ناهی پیتو بلڪ طه رسول  کان سندن کیر پیئڻ هیو  

مهر نبوت جو هسوار (سوارُ)

روایت ۾ آهی ته رسول خدا  حسنین  کی پنهنجی پٺیءَ تی سوار ڪیو حسن کی ساڄی پاسی ۽ حسین  کی کاٻی پاسی ۽ فرمایو : توهان جی سواری سڀنی سوارین کان بهتر آهی ۽ توهان سڀنی سوارن کان بهتر آهیو ۽ توهان جو پیءُ توهان کان افضل آهی .

جنهن ڪارڻ نماز ۾ ست تڪبیرون سنت بڻیون 

شیخ طوسی صحیح سند سان روایت ڪئی آهی ته حضرت امام حسین  کی هڪ ڏینهن رسول خدا مسجد ۾ وٺی آیا ۽ پنهنجی پاسی ۾ بیهاریو ۽ نماز لاءِ تڪبیر چئی ، امام حسین  چاهیو ته پوئواری ڪن پر صحیح طرح نه چئی سگهیا پاڻ  سندن لاءِ ٻیهر تڪبیر چئی تڏهن به نه چئی سگهیا حضرت  ورجاء ڪیو ایستائین جو پاڻ ستین ڀیری صحیح تڪبیر چئی ان ڪری ست تڪبیرون نماز جی ابتداء ۾ سنت بڻیون . 

هر دل ۾ حسین  وسی ٿو

پاڻ سڳورن  جی مبارڪ حدیثن منجهان ڪجهه اهڙیون حدیثون آهن جن ۾ اهو ذڪر ڪیو ویو اهی ته مولا امام حسین  جی محبت مومنن جی دلین ۾ لڪیل آهی جهڙوڪ پاڻ سڳورن  فرمایو : ان للحسین محبة مکنونة فی قلوب المومنین  بیشڪ امام حسین  جی محبت مومنن جی دلین ۾ لڪیل آهی . بیشڪ مولا حسین  اها هستی آهی جیڪا هر دل عزیز آهی ڪیر آهی جیڪو مولا حسین  جو نالو ٻڌی ان جا نیڻ نه وهن ڪیر آهی ؟ جیڪو پنهنجی پاڻ کی انسان به سڏائی  پر مولا سید الشهداء  جی محبت ان جی دل ۾ نه هجی دنیا جی ڪهڙی به حصی ۾ هلیا وڃو پر اتی جیڪڏهن مولا حسین جا حبدار هجن جی عزاداری نه ڪندا هجن هر مصیبت ۽ ڏک ۽ غم کی وساری سگهجی ٿو پر مولا حسین جی مصیبت ایڏی ته عظیم آهی جنهن کی وساری نٿو سگهجی ایترین صدین سالن کانپوءِ به ان مصیبت ۾ ڪا گهٽتائی ڪو نه آئی آهی اهو صرف ان محبت  جیڪری آهی جیڪا  مومنین جی دلین ۾ مظلوم امام  جی لاءِ آهی . 

امامت به امام حسین  جی نسل ۽ ڪٽنب  ۾ 

مولا امام حسین  جی برڪتن منجهان هڪ اها آهی ته الله سائین امامت جهری عظیم منصب کی سندن نسل ۾ قرار ڏنو آهی  ، ان بابت کوڙ ساریون روایتون به آهن جن مان جی مطالعی کانپوءِ اها پروڙ پوی ٿی ته اهو عظیم انعام سید الشهداء  کی شهادت جهڙی عظیم امتحان ڏیڻ کان بعد ملیو  انهن روایتن مان هڪ روایت اسان امام صادق  جی ذڪر ڪیون ٿا امام  فرمائن ٿا : الله سائین امام حسین  جی شهادت جی بدلی ۾ کین چار عظیم خصوصیتون عطا ڪیون آهن . 

1 امامت  کی انهن جی نسل (ذریت ) ۾ قرار ویو. 2 انهن جی پاڪ تربت ۾ شفا  کی رکیائین 3 انهن جی قبر اطهر تی ٺهیل قبه جی هیٺیان دعا مستجاب آهی 4 جیڪی ڏینهن زائر سندن زیارت لاءِ گذاریندا اهی انهن جی زندگی ۾ نه ڳڻبا. 

قیامت ڏهاڙی امام حسین  جی شفاعت 

امام حسین  جی برڪتن مان هڪ برڪت اها آهی ته قیامت جی ڏینهن مولا  جن پنهنجی عزادارن جی شیعن جی شفاعت ڪندا هڪ راوی چوی ٿو ته امام حسین  جن هڪ ڏینهن فرمایو : جیڪو شخص منهنجی سهادت کانپوءِ منهنجی زیارت ڪندو ته ان جی مرڻ کانپوءِ مان ان جی زیارت ڪندم هڪ عالم دین جیئن اها روایت پڙهی سمهی پیو ته عالم خواب ۾ ڏسی ٿو ته مان مولا ابا عبدالله حسین  جی زیارت ڪیم مان پڇا ڪیم مولا ڇا اها روایت صحیح اهی ؟ ته مولا  جن فرمایو : نعم ولو کان فی النار اخرجته منها . ها جیڪڏهن ان کی جهنم ۾ وڌو ویندو اسان ان کی جهنم مان ٻاهر ڪڍنداسین  ان کان بعد مان مولا کان پڇیم ته مولا ڇا اڄ کان بعد ۾ مان اوهان جی اها روایت بغیر ڪنهن واسطی جی نقل ڪری سگهان ٿو ؟ ته پاڻ فرمایائون جی اوهان روایت بغیر ڪنهن واسطی جی نقل ڪری سگهو ٿا  

قیامت ڏینهن هر اک روئیندی 

رسول خدا  فرمایو : ٻچڙی فاطمة  هر اک قیامت جی ڏینهن روئیندی سواءِ ان اک جیڪا حسین جی مصیبت تی دنیا م رنی هوندی  حسین جا عزادار قیامت ڏینهن مسڪرائیندی ۽ خوشیءَ جی حالت ۾ جنت ۾ داخل ٿیندا  

امام حسین  جا حبدار جنتی آهن 

امام حسین  جی برڪتن منجهان هڪ اها آهی ته انهن جا حبدار جنتی آهن جیئن حذیفه بن یمان چئی ٿو ته : هڪ ڏینهن پاڻ سڳورن  جن کی ڏٺم ته مولا حسین  جی هٿ کان وٺی ڪری فرمایائون : یا ایهاالناس ، هذا الحسین  بن علی  فاعرفوه ، فوالذی بیده ، انه لفی الجنة ، ومحبه فی الجنة ، ومحب محبیه فی الجنة 

ای انسانو ! هی حسین ابن علی  آهی هن کی سڃاڻیو ان خدا جی قسم جنهن قبضی ۾ منهنجی جان آهی بتحقیق حسین  جنتی آهی ان جی چاهڻ وارا حبدار به جنتی آهی ۽ جیڪو ان جی محبن سان محبت ڪندو اهو به جنتی آهی .

اهڙی نمونی سان هڪ ٻی روایت ۾ آیو آهی ته پان سڳورن  فرمایو : جیڪو به حسنین  سان محبت ڪندو ان جی درجی ۽ منهنجی درجی ۾ قیامت ڏینهن ڪو به فرق نه هوندو  ۽ جیڪو انهن سان دشمنی ڪندو انهن تی جنت جی خوشبوء به حرام آهی.

خبردار ! اها ڳالهه واضح ۽ چٽی آهی ته اهو رتبو ۽ مقام ظاهری محبت سان نٿو ملی سگهی بلڪ ان مان مراد خاص محبت آهی جیڪا اهی انسان رکن ٿا جن جو ایمان بلند آهی . 

رسول خدا  سان امام حسین  جی شباهت  ۽ هڪجهڙائی

کوڙ سارین روایتن ۾ آیو آهی ته امام حسین  پنهنجی نانی جی شبیه هئا انهن جی قامت ، ڏیل ، اوپڙ ، هاٺی ،. بدن جی بیهڪ. اوچائی پاڻ سڳورن  جیتری ئی هئی جڏهن به ڪو صحابی مولا حسین  کی ڏسی ها ته انهن کی رسول خدا  یاد اچی ویندا هئا . عاصم بن کلیب پنهنجی بابی کان نقل ڪری ٿو ته : هڪ رات مان خواب ۾ رسول خدا  جی زیارت ڪیم  مان پنهنجو خواب ابن عباس کی ٻڌایم ته (جیئن سڌ لهان  ته منهنجو خواب صحیح آهی یا نه ؟) ابن عباس چیو جڏهن رسول خدا کی ڏٺئی تون کی حسین ابن علی  جی یاد نه آئی ؟ مان چیم جی ها جڏهن پاڻ سڳورا  هلن   پیا ائین لڳی پیو  ته ڄڻ حسین  ٿو هلی انهن جی هلت ۾ ڪو به فرق نه هیو . 

انس بن مالڪ روایت ڪری ٿو ته ابن زیاد جی درٻار ۾ جیئن امام حسین  جو سر اطهر هڪ تشت (ٿالهه) ۾ کڻی آیا ته ابن زیاد امام حسین  جی سر ڏانهن اشارو ڪری چیو مان اڄ ڏینهن تائین ان کان وڌیڪ سهڻو نه ڏٺو اٿم ته مان چیو مانس تون کی خبر ناهین ته حسین  شڪل وصورت ۾ پنهنجی نانی جهڙو هئو  .

سید الشهداء تی روئڻ واری جو ساهه کڻڻ تسبیح جی برابر

شیخ طوسی رح ۽ مفید ، ابان بن تغلب رح کان روایت ڪن ٿا ته جیڪو شخص اسان جی مظلومیت سبب ڏکویل ۽ غمگین ٿئی ته ان جو ساهه کڻڻ تسبیح آهی ۽ سندس غم ۽ سور عبادت آهی ۽ اسان جی رازن کی غیرن کان لڪائڻ خدا جی راهه ۾ جهاد آهی ، پوءِ فرمایائون ته  ضروری آهی ته هی حدیث سون جی پاڻیءَ سان لکی وڃی  

انبیاءِ الهی جو توسل 

نبین مان ڪو به نبی جڏهن به ڪنهن مشڪل ۾ گرفتار ٿئی ها ته  مولاحسین جو الله سائین کی واسطو ڏئی ۽  اها مشڪل حل ٿی ویندی هئی ان بابت کوڙ ساریون روایتون نقل ٿیون آهن جنهن مان ڪجهه کی اسان ذڪر ڪیون ٿا. 

1حضرت آدم  جن امام حسین  کی واسطو قرار ڏنو 

حضرت آدم  جی توبه ڪرڻ وقت الله سائین کین  جیڪی پنج اسم ڏسیا جن کی حضرت آدم  پنهنجی دعا وقت واسطو قرار ڏیندو  انهن مان هڪ اسم امام حسین  جو هیو . 

2 حضرت نوح جو ڪشتی ۾  مددگار ڪیر ؟

طوفان وقت الله سائین  حضرت نوح  کی ڪجهه نالا ڏسیا جن کی واسطو قرار ڏئی حضرت نوح  دعا گهری  انهن نالن منجهان هڪ نالو امام حسین  جو آهی . 

3 حضرت ذڪریا کی  مولا حسین جی صدقی نبی  پٽ ملیو

الله سائین حضرت ذڪریا کی وحی ڪئی ته ای ذڪریا پنجتن  جی نالن جو واسطو ڏئی دعا گهر حضرت ذڪریا  اهو واسطو ڏئی دعا گهری ۽ کین الله سائین حضرت یحیی جی صورت ۾  جیڪی پاڻ نبی هیا پٽ عطا ڪیو .

4 حضرت یونس به  مولا حسین جو واسطو ٿو ڏئی .

حضرت یونس  جڏهن  مڇی جی پیٽ ۾ هئا ته اتی انهن مولا حسین جی واسطی سان دعا گهری الله کین نجات ڏنی 

5 حضرت ایوب  کی شفا ملی

حضرت ایوب  جڏهن هڪ خطرناڪ بیماری ۾ مبتلا هئا اتی به  حضرت ایوب  مولا حسین  جو واسطو ڏنو خدایا مون کی هن بیماریءَ کان نجات ڏئی ته کین الله سائین مولا حسین  جی صدقی نجات ڏنی . 

  6 حضرت اسماعیل جی جان بچی مولا حسین  جی صدقی

جڏهن حضرت  ابراهیم  حضرت اسماعیل  جی قربانی ڪرڻ ٿئی چاهی  اتی آواز آئی وفدیناه بذبح عظیم اسان ان کی تبدیل ڪیوسین کی هڪ عظیم قربانی سان سڀنی مفسرن جو اتفاق آهی ته ان  ذبح عظیم  مان مراد مولا حسین  جی شهادت آهی  جیڪا مولا حسین ڪربلاء ۾ پنهنجی صحابین ساڻ ڏنی.

7 حضرت یوسف جو منجی ڪیر ؟

جڏهن حضرت یوسف  کین پنهنجی ڀائرن کوهه ۾ اڇلایو اتی حضرت یوسف  الله سائین کی پنجتن پاڪ جو واسطو ڏنو   جن جی صدقی الله سائین نجات ڏنی .

8  حضرت یعقوب کی به مولاحسین جی صدقی  اکیون واپس ملیون 

جڏهن  حضرت یعقوب  حضرت یوسف  جی جدائی ۾ پنهجون اکیون وڃائی ویٺا ته اتی  الله سائین کی ٻاڏائڻ لڳو خدایا  مان ڇا ڪیان  ؟ ته ارشاد رب العزت ٿیو  ای یعقوب هنن نالن سان مون کی قسم ڏئی 

پوءِ حضرت یعقوب  هیئن دعا گهری خدایا تون کی واسطو آهی  محمد  علی  فاطمة  حسن  حسین  جو مون کی نابینائی مان نجات ڏئی .

ان کانسواءِ کوڙ ساریون روایتون ملن ٿیون جن ۾ امام حسین  جی صدقی الله جی ٻانهن کی بیمارین کان مشڪلات کا ن ڇوٽڪارو ملیو  

حسین  جی ڪری  نبین جی سرادر جو سجدو ڊگهو ٿی ویو

ڪڏهن رسولخدا سجدی جی حالت ۾ هجن ها ته مولا پٺیءَ تی سوار ٿین ها ته پاڻ سڳوراؐ سجدی کی طولانی ڪری ڇڏن ها ایستائین جو مولا پنهنجی مرضیءَ سان لهی وڃن ها اصحاب پڇن ها یا رسول الله سجدو ایڏو طولانی ڇو ٿیو؟ ڇا ڪا وحی نازل ٿی رهی هئی؟پاڻ فرمائن ها منهنجو فرزند منهنجی پٺیءَ تی هو  مونکی خداوند عالم حڪم ڏنو ته جیستائین حسین پنهنجی مرضیءَ سان نه لهی ایستائین سجدی مان سر نه کڻجان  

حسین  جی عاشق ٻآر سان رسالتماب جو پیار

هڪ دفعو رسول خدا جن هڪ ٻارڱهٽی ۾ڏٺو ته پاڻ ان سان محفایت عطونت۽ مهر بانی ڪرڻ لڳا ان سان پیار ڪرڻ لڳا ته ڪنهن سوال ڪیو یارسول الله ان ٻار سان شفقت جوڇا سبب آهی ؟ ته پاڻ فرمایائون اهو ٻار منهنجی حسینؑ سان محبت ڪندو آهی۽ حسینؑ جی پیرن جی مٽی هٿن ۾ کڻی پنهنجی منهن سان مس ڪندو آهی ۽جبرائیل مون کی خبر ڏنی آهی ته اهو ٻار ڪربلاء ۾حسینؑ جی مددگارن مان هوندو 

رسولخداؐوٽ امام حسینؑ جو مقام.

خداوندعالم امام حسین ؑ کی ڪجه اهڙیون خصوصیات عطا ڪیون آهن جن مان ڪجه رسولخداؐ جی ارشادات مان واضح ٿین ٿیون اسان انهن مان ڪجه کی بطور اختصار ذڪر ڪیون ٿاپاڻ سڳورنؑ جی امام حسینؑ سان تمام گھڻی محبت هئی جڏهن صحابین سان ڪچهری دوران امام حسینؐ جن اچن ها ته پاڻ سڳورا ؐ ڪچهریءَ مان اٿی ڪری پاڻ سان ویهارن هاڪڏهن پنهنجن ڪلهن تی ویهارن ها،پنهنجی جهولی ۾ ویهارن ها۽فرمائن ها : انه مهجة قلبی 

هڪ ڏینهن رسولخداؐ مولا کی راند ڪندی ڏو پاڻ پهنجا هٿ مبارڪ امام حسین ڏانهن وڌایا لیڪن امام حسین هڪ طرف کان ٻئی طرف هلیا ویاایستائین جورسول خدامولا حسین تائین پهتا هڪ هٿ ڳیاڙی مبارڪ جی هیٺان هٿ رکیو۽ٻیوهٿ مٿی تی رکی فرمایو. حسین منی وانا من الحسینؑ  

امام حسینؑ جی مناجات جو انوکو ۽ نرالو  انداز

قال الحسینؑ اللهم انڪ تجیب دعوة المضطر اذا دعاک وتکشف السوء وتغیث المڪروب

ای خدا؛ ڪوئی پریشان حال تون کی سڏیندو آهی ته تون ان جی آواز تی لبیڪ چوندو آهین۽ ان جی پریشانیءَ کی ختم ڪندو آهین ۽مصیبت زده جی آه به ٻڌندو آهین 

خدا سان نیاز۽ نوڙت جو اهو مقام هو جو انس بن مالڪ مولا جی مناجات کی هڪ روایت ۾ بیان ڪیو آهی ته هڪ ڀیری مان امام حسینؑ سان سائڻ خدیجه جی مزار تی ویس ته مولا گریو ڪرڻ شروع ڪیو۽ فرمایائون ای انس توهان هتان هلیا  وڃوانس چئی ٿو مان ٿوری دیر لاءِمان تورو پری ویم مان ڏٺو ته مولا حسینؑ نماز ۾ شروع ٿی ویا۽ مان ٻڌو ته مولا فرمائی رهیا هئا

1یا رب یارب انت مولائی فارحم عبیدا الیک ملجاٰءه

2یا ذالمعانی علیک معتمدی طوبى لمن ڪنت انت مولاه

3طوبى لمن کان نادما اراقا لیشڪو الى ذی الجلال بلواه

4وما به علة ولاسقم اکثر منن حبه لمولاه 

5اذا اشتکى بثه وغصته اجابه الله ثم اوفاه

1 خدایا خدایا تون ئی منهنجو مولا آهین لهذا پنهنجی هن ٻانهی تی رحم ڪرجنهن جی پناه تون ئی آهین 

2ای وڏی مقام وارا منهنجو آسرو تون ئی آهین ان شخص جی ڪهڙی ڳالهه ڪجی جیڪو پنهنجی ڪیل ڏوهن تی پشیمان ٿی راتن جو اوجاڳا ڪری ۽ پنهنجی رب سان پنهنجی مشڪلاتن جی دانهن ڪری

4اهڙو ٻانهو جیڪو صرف پنهنجی مولا سان محبت ڪندو هجی ان کی ڪو ٻیو ڪو ڏک نه هجی

5جڏهن خدا سان اهو ٻانهو پنهنجی مشڪلاتن کی بیان ڪندو آهی ته خدا ان جی مشڪلاتن کی ختم ڪری ڇڏیندو آهی

آخر ۾ اسان به الله سائین جی بارگاهه ۾ دعاگهرون ٿا ته خدایا اسان جا گناه امام حسین جی صدقی معاف فرماءِ ڏکوئیندرن جا ڏک دور فرما ، دشمنان اسلام کی نیست نعبود فرما، سڀنی طالبعلمن کی حسینی بڻجڻ جی توفیق عنایت ڪر ، اهڙا ٿیون ته حسین راضی ٿئی ، خدایا بحق الحسین  ٻوڏ ۾ مینهن ۾ جن مومنن مسلمانن جا گهر ڊهی پیا آهن انهن جی مشڪلن کی آسان فرماء مولا حسین جی صدقی سندن ٻچڙی حضرت مهدی عجل الله فرجه الشریف جو ظهور کی ویجهو ڪر ۽ اسان جی اکین کی اهڙی بینائی عطا ڪر جو پنهنجی امام جی زیارت ڪری سگهون ، والسلام مع الاڪرام .


موافقین ۰ مخالفین ۰ ۹۵/۰۷/۲۴
سید احمد علی نقوی

نظرات  (۰)

هیچ نظری هنوز ثبت نشده است

ارسال نظر

ارسال نظر آزاد است، اما اگر قبلا در بیان ثبت نام کرده اید می توانید ابتدا وارد شوید.
شما میتوانید از این تگهای html استفاده کنید:
<b> یا <strong>، <em> یا <i>، <u>، <strike> یا <s>، <sup>، <sub>، <blockquote>، <code>، <pre>، <hr>، <br>، <p>، <a href="" title="">، <span style="">، <div align="">
تجدید کد امنیتی