فرانس جی رسالی ۾ پیغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله وسلم جی شان ۾ گستاخی وارو مواد ڇپجڻ کان پوءِ یورپ ۽ شمالی آمریڪا جی جوانن نالی رهبر معظم مد ظله العالی جو هڪ پیغام
فرانس جی هاڻوڪن واقعن ۽ ڪجهه ٻین ملڪن ۾ ان قسم جی واقعن مون کی ان ڳالهه تی آمادهه ڪیو ته آءُ ان بابت اوهان سان سڌو سنئون رابطو ڪری ڳالهایان. مان اوهان جوانن سان ڳالهائی رهیو آهیان. ان جی اها وجهه ناهی ته مان اوهان جی والدین کی نظر انداز ڪری رهیو آهیان. بلڪه ان لاءِ ته مان اوهان جی قوم ۽ اوهان جی ملڪ جون واڳون اوهان جی هٿن ۾ ڏسی رهیو آهیان ۽ حقیقت تائین پهچڻ جی حس کی اوهان جی دلین جی گهرائی ۾ جاندار مشاهدو ڪری رهیو آهیان. هن لکت ۾ منهنجو خطاب اوهان جی سیاستدانن ۽ حڪومتی اهلڪارن سان ناهی ڇو جو مون کی یقین آهی ته انهن مڪمل طور تی آگاهی سان سیاست وارو رستو صداقت ۽ سچائی کان الڳ ڪری ڇڏیو آهی.
منهنجی اوهان سان ڪچهری اسلام بابت آهی خاص طور تی اسلام جی ان شڪل و صورت ۽ تصویر بابت جیڪا اوهان جی اڳیان پیش ڪئی ویندی آهی. گذریل ٻن عشرن کان یعنی تقریبن روس جی ٽٽڻ کان پوءِ هتی تمام گهڻی ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪئی وئی آهی ته جیئن هن عظیم دین کی خطرناڪ دشمن جی جڳهه تی پیش ڪیو وڃی. افسوس آهی جو مغربی سیاسی تاریخ ۾ وڏی عرصی کان رعب ۽ نفرت جی احساس کی ڀڙڪائڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ واری پالیسی جاری آهی. مان هتی مغربی قومن اڳیان مختلف ۽ متنوع قسمن جی خوف ۽ حراس جی تفصیل پیش ڪرڻ نه ٿو چاهیان. اوهان پاڻ تاریخ بابت هاڻوڪی تنقیدی مطالعی جو مختصر جائزو وٺڻ کان پوءِ مشاهدو ڪندؤ ته جدید تاریخ نگاری ۾ دنیا جی ٻین قومن ۽ ٻین ثقافتن سان مغربی حڪومتن جی غلط، ڪوڙی ۽ مڪاری واری سلوڪ جی مذمت ڪئی وئی آهی. آمریڪا ۽ یورپ جی تاریخ غلامی جی سلسلی ۾ شرمندهه آهی، استعمار جی دور سبب ان جو سر جهڪیل آهی، ڪارن ۽ غیر عیسائین تی ظلم ۽ ستم کان اها شرمندهه آهی. ڪئٿولیڪ ۽ پروٽسٽان جی درمیان مذهب جی نالی تی رت جی راند یا پهرئین ۽ ٻئی عالمی جنگ ۾ نسل ۽ قومیت جی نالی تی رت وهائڻ سبب اوهان جی تاریخدانن ۽ محققن جا مٿا شرم وچان جهڪیل آهن.
هی ڳالهه بذات خود هڪ سٺی ۽ تعریف جوڳی ڳالهه آهی ۽ ان ڊگهی فهرست مان منهنجو مطلب تاریخ جی سرزنش ۽ مذمت ناهی بلڪه مان اوهان کان چاهیان ٿو ته اوهان پنهنجی روشن فڪر ماڻهن کان پڇو ته مغرب ۾ ماڻهن جو ذهن ۽ ضمیر ڪیترن ئی یا سوین سالن کان پوءِ ڇو بیدار ٿیندو آهی؟ ضمیرن ۾ ماضی بعید جی جڳهه تی رزانه وارن مسئلن جی باری ۾ نظر ثانی ڇو نه ٿی ڪئی وڃی؟ اسلامی فڪر ۽ ثقافت جهڙن اهم مسئلن جی فروغ ۾ رڪاوٽ ڇو پیدا ڪئی ویندی آهی؟
اوهان چڱی ریت ڄاڻیو ٿا ته تحقیر، نفرت ۽ ٻین بابت خیالی ۽ وهمی خوف ۽ هراس ظالمن ۽ ستمگرن جی مفادات جی گڏیل راهه رهی آهی.
هاڻی مان چاهیان ٿو ته اوهان پنهنجی پاڻ کان سوال پڇو ته هن ڀیری غیر معمولی شدت سان خوف پیدا ڪرڻ ۽ نفرت ڦهلائڻ واری پراڻی سیاست، اسلام ۽ مسلمانن کی ڇو نشانو بڻائی رکیو آهی؟ اسلام جا ڪهڙا اقدار values ۽ مفاهیم انهن وڏین طاقتن جی منصوبن لاءِ خطرو آهن ۽ اسلام جی غلط شڪل ۽ صورت پیش ڪرڻ ۾ انهن جی ڪهڙن مفادن کی تحفظ ملندو؟ تنهن ڪری منهنجو پهریون مطالبو اهو آهی ته اوهان اسلام خلاف وڏی پئمانی تی پروپئگنڊا جی سببن بابت تحقیق ۽ تلاش ڪریو.
منهنجو ٻیو مطالبو اهو آهی ته اسلام جی خلاف منفی قضاوت ۽ پروپئگنڊا جی ڪثرت جی رد عمل طور اوهان اسلام بابت سڌی سنئین معلومات حاصل ڪریو تنهن ڪری اوهان گهٽ ۾ گهٽ اهو ڄاڻی وٺو ته جنهن شی کان اوهان کی ڊیڄارین ٿا ان جی حقیقت ۽ ماهیت ڇا آهی. مان ان ڳالهه تی اصرار نه ٿو ڪریان ته اسلام بابت جیڪو منهنجو نڪتی نظر آهی اوهان ان کی قبول ڪریو. بلڪه مان اهو ٿو چوان ته اوهان ڪنهن کی به اجازت نه ڏیو ته اڄ جی دنیا ۾ سڀ کان وڌیڪ مؤثر حقیقت کی آلودهه اغراض و مقاصد تحت اوهان جی اڳیان غلط بڻائی پیش ڪری. اوهان کین ان ڳالهه جی اجازت نه ڏیو ته اهی پنهنجی نوڪر دهشتگردن کی اسلام جو نمائیندو بڻائی پیش ڪن. اوهان اسلام کی ان جی اصلی مآخذ ۽ ثبوتن منجهان سڃاڻڻ جی ڪوشش ڪریو. اسلام کی قرآن مجید ذریعی ۽ پاڻ سڳورن صلی الله علیه و آله وسلم جی حیات طیبه جی ذریعی سڃاڻڻ جی ڪوشش ڪریو. منهنجو اوهان کان سوال آهی ته ڇا اوهان اڄ تائین مسلمانن جی قرآن ڏانهن سڌو سنئون مراجعو ڪیو آهی؟ 
ڇا اوهان پیغمبر اڪرم صلی الله علیه و آله وسلم جی تعلیمات ۽ ان جی زندگی جی اخلاقی ۽ انسانی رخن جو مطالعو ڪیو آهی؟ ڇا اوهان میڊیا کان علاوهه اسلام جی پیغام کی ڪنهن ٻئی ذریعی وٽان ورتو آهی؟ ڇا اوهان ڪڏهن پنهنجی پاڻ کان سوال ڪیو آهی ته انهیءَ اسلام ڊگهی عرصی دوران ڪهڙن قدرن values جی بنیاد تی دنیا جی فڪری ۽ علمی ثقافت کی فروغ ڏنو ۽ وڏن مفڪرن ۽ عظیم دانشورن جی تربیت ڪئی؟
منهنجی اوهان کان اها گُهر آهی ته اوهان اجازت نه ڏیو ته اهی سست ۽ غلط ڳالهین ذریعی اوهان جی اندر اهڙو احساس ۽ جذبو پیدا ڪن ۽ اهڙی ریت اوهان کان منصفاڻی قضاوت جی صلاحیت کی سلب ڪن. اڄ رابطی جی ذریعن جاگرافیائی سرحدون ختم ڪری ڇڏیون آهن. اوهان اجازت نه ڏیو ته اهی اوهان کی ذهنی ۽ هٿرادو سرحدن ۾ قید ڪری ڇڏین. جیتوڻیڪ ڪو شخص انفرادی طور تی وجود ۾ آیل خال ڀری نه ٿو سگهی لیڪن اوهان جوانن منجهان هر هڪ پنهنجی چوڌاری واری ماحول ۾ آگاهی جی غرض سان ان خال مٿان فڪر ۽ انصاف جو پل رکی سگهی ٿو. جیتوڻیڪ اهو چئلینج، اسلام ۽ اوهان جوانن درمیان پهریان کان طئی ٿیل منصوبی سبب اڻوڻندڙ آهی. لیڪن اوهان جی حقیقت طلب ۽ جاکوڙی ذهن ۾ نوان سوال پیدا ڪری سگهی ٿو ۽ اوهان وٽ انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جو موقعو غنیمت آهی جنهن ۾ اوهان اڳیان حقیقتون ظاهر ٿی ویندیون، تنهن ڪری اسلام بابت صحیح ڄاڻ ۽ سمجهه جی سلسلی ۾ هن موقعی کان ڀرپور فائدو حاصل ڪریو ته جیئن حقیقت تائین پهچڻ لاءِ اوهان جی ذمیوارانه احساس سبب ایندڙ نسل انهی تاریخی عرصی ۾ اسلام ۽ مغرب جی هڪٻئی سان روئی بابت سڪون ۽ آرام سان لکی سگهن. سید علی خامنه ای 22 جنوری 2014 ع