حجت مشن
ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد
❓ سوال
امام حسین علیه السلام تی گریه جو ثواب مومنن ۽ متقین کی ته ملندو پر ڇا اهی انسان جیڪی نه نماز پڙهن ٿا نه روزو رکن دین سان ڪو واسطو نٿن ایستائین جو ڪجهه جائن تی اهو به ڏسڻ ۾ آیو آهی ته هندو ۽ ڪافر به مولاجی عزاداری ڪندی نظر اچن ٿا ته ڇا مولا حسین علیه السلام جی عزاداری ۽ گریه جو ثواب بغیر ڪنهن قید ۽ شرط جی آهی یا نه هر ڪنهن کی ثواب ملندو ان ۾ ڪا به شرط ناهی ؟؟
لیکڪ : مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی
✍ جواب
ان ۾ ڪنهن به انسان کی شڪ ناهی ته مولا حسین علیه السلام دین خاطر هڪ عظیم قربانی ڏنی آهی ۽ عزادری سید الشهدا ۽ عزادار امام حسین ع جو وڏو مان ۽ مرتبو آهی پر اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجی ته.
پیام حجت جو ٻیون رسالو ڏسڻ لاءِ
هی رسالو حجت مشن جی ڪاوشن سان شایع ٿی رهیو آهی هن مهل تائین الحمد لله 15 رسالا شایع ٿی چڪا آهن
۽ هن رسالی جو امتیاز ۽ خصوصت اها آهی ته هی رسالو قم المقدسه ایران ۽ پاڪستان جی فاضل عالمن جی قلمی ڪاوش جو ذخیرو آهی ان ڪری ئی ان رسالی جا ڪیترائی طرفدار سنڌ جی ڪنڊ ڪڙچ ۾ شامل آهن
هن رسالی کی سنڌ جی نامور عالمن جا حمایت ۽ سرپرستی به حاصل آهی
رسالی جی حصول لاءِ ایران عراق پاڪستان جی مختلف نمبرن تی رجوع ڪری رسالو حاصل ڪری سگهجی ٿو
پاڪستان ۾ رابطی لاءِ
00923213118904
حجت الاسلام مولانا سید محمد مٺل شاه نقوی
ایران ۾ رابطی لاءِ
مولانا سید احمد علی نقوی
00989195912675
ای میل
یَوْمَ نَطْوِى ٱلسَّمَآءَ کَطَىِّ ٱلسِّجِلِّ لِلْکُتُبِ ۚ کَمَا بَدَأْنَآ أَوَّلَ خَلْقٍۢ نُّعِیدُهُۥ ۚ وَعْدًا عَلَیْنَآ ۚ إِنَّا کُنَّا فَٰعِلِینَ ۔۔۔ اللہ فرماتا ہے کہ وہ اسی طرح آسمان کو لپیٹیگا جیسے اس نے اسے پہلے خلق کیا تھا۔ اب سوال یے ہے کہ، اگر ھر چیز ختم ہوجائے گی تو جو مقدس جگھیں ہیں جیسے اور قبور ہیں اور ان میں مقدس اجسام ہیں ان کا کیا ہوگا، کیا ساری مقدس جگھیں بھی تباھ ہوجائیں گی؟ میں نے اصل میں یے چیزیں پڑھی نہی ہیں پر سنی ہیں اس لیئے مزید وضاحت نہی کر پا ....👆👆👆👆👆👆👆
لیکڪ : مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی
❓❓هاڻی سوال اهو آهی جڏهن قیامت برپا ٿیندی هر شی ختم ٿی ویندی ته پوء جیڪی مقدس مقامات آهن اهی باقی رهندا یا اهی به ختم ویندا ان جی باری ۾ مان ٻڌو آهی پر پڙهیو ناهی ان ڪری جو جواب گهرجی.؟؟؟؟؟
اِنَّ اللَّـهَ وَمَلـٰئِکَتَهُ یُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ ۚ یـٰأَیُّهَا الَّذینَ ءامَنوا صَلّوا عَلَیهِ وَسَلِّموا تَسلیمًا
اڄ کلھ ھتی سنڌ جا مؤمن اپ گریڈ ٿی ویا آھن
جیکی ھن مذکورہ آیت ۾ خدا جی متعلق اھو عقیدو تھا رکن تہ خدا بہ محمد و آل محمد تی درود پڙھی عبادت ٿو کری
تفصیل سان جواب عطا فرمائیندا تہ خدا ء فرشتن ء مؤمنن جی صلوات پڙھڻ ۾ ڇا فرق آھی؟؟؟
❓سوال
👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇👇
سلام مهربانی کری اعلان غدیر کی اهل سنت جی کتابن جی حوالی سان واضع کرے بدھایو.... حوالا ضروری آھن
لیکڪ ؛ مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی
✍حجة الوداع🕋 (رسول خدا ص جو آخری حج) 💠
رسول خدا ص جڏهن پنهنجی زندگیءَ جو آخری حج ڪری مدینی ڏانهن روانا ٿیا ته پاڻ سڳورن ص غدیر وارو خطبو ڏنو جنهن جی مختصر وضاحت پیش ڪجی ٿی
غدیر واری سرزمین(*اها جڳه آهی جتان مدینی، عراق۽ یمن جا مسلمان حج جا عمل انجام ڏیڻ لاءِ مڪی ۾ داخل ٿیندا هئا ۽ هاڻ مڪی کان نڪرڻ وقت هڪٻئی کان جدا ٿیڻا هئا ۽ هر هڪ کی پنهنجی سرزمین جو رستو وٺڻو هو*.) تی جبریل پاڻ سڳورن ص لاءِ سورت مائده جی 6،7 آیت کڻی آیو
یا أیها الرسول بلغ ما أنزل إلیک من ربک وإن لم تفعل فما بلغت رسالته💠
👈ترجمو :ای رسول پڄاءِ اها شی جیڪا تنهنجی پالڻهار طرفان تو تی نازل ٿی آهی ۽ جیڪڏهن تو اهو ڪم نه ڪیو ته ڄڻ رسالت جو ڪوبه ڪم انجام نه ڏنو، ۽ الله توکی ماڻهن کان محفوظ رکندو. بیشڪ الله ڪافر قوم جی هدایت نه ڪندو آهی.
رجعت ڇا آهی ان جی وضاحت ڪریو .......
لیڱڪ : مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی
✍ رجعت
رجعت جو مطلب رجعت عربی زبان جو لفظ آهی جیڪو رَجَعَ یَرجِعُ منجھان ورتل آهی جنهن جی معنا واپس ورڻ یا موٽی اچڻ آهی.( معجم مقاییس اللغة، ماده رجع)
اصطلاح ۾
اصطلاح ۾ رجعت جو مطلب ٻن قسمن جی ماڻهن (خالص مومنن ۽ خالص ڪافرن) جو جیڪی مری ویا آهن امام مهدی (عج) جی ظهور کان پوءِ ۽ قیامت کان پهریان هن دنیا ۾ موٽی اچڻ آهی.( رجعت در عصر ظهور، ص 60)
تمام شیعه عالمن جو متفقه عقیدو آهی ته رجعت واقع ٿیندی
اهی خالص مومن جیڪی رجعت ڪندا انهن جو نشانیون ڪهڙیون آهن
لیکڪ : مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی
👆👆👆👆👆👆
سوال❓❓
رجعت متعلق سوال جو جواب تفصیل سان ڏنو ویو
❓❓❓هاڻی سوال اهو ٿیو آهی ته خالص مومن جیڪی رجعت ڪندا انهن جون صفتون ڪهڙیون آهن
✍ جواب
روایتن جی مطالعی کان بعد ۾ اها خبر پوی ٿی ته رجعت سڀنی لاءِ ناهی بلڪ انهن صالح مومنن لاءِ آهی جن جو مقام اعلى ۽ مٿانهون آهی ۽ ڪافرن مان به اهو رجعت ڪندا جیڪی حد درجی جا ستمگر هوندا
🍂علامه مجلسی ره: اسان شیعن جی نزدیڪ رجعت خالص مومنن ۽ خالص ڪافرن لاءِ آهی (.(بحار الانوار، جلد ۵۳، صفحه ۳۹)
مومن محض اهو آهی جنهن ۾ ایمان واریون صفتون پاتیون وڃن ۽ الله جی هیڪڙائپ تی مڪمل ایمان آندو هجائین ۽ ان تی ثابت قدم به هجی
الله جو ارشاد ٿئی ٿو : إِنَّ الَّذِینَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوا تَتَنَزَّلُ عَلَیْهِمُ الْمَلَائِکَةُ (سوره فصلت آیت 30)