حجت مشن

ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد
  • حجت مشن

    ایب بلاگ مربوط به تشکل حجت مشن می باشد

مشخصات بلاگ

این تشکل سال 1385 تاسیس شد که الحمد لله بتوسط آن دو حوزه علمیه در پاکستان اداره می شود
یکی بنام جامعت الحجت ودیگری برای خواهران که بنام جامعة فاطمة الزهرا س می باشد

این تشکل یک انجمن را بنام alilsamforum.com تاسیس نموده که شبهات اعتقادی ودیگر را پاسخ می دهد
وهمینطور یک سایت بنام www.hujjat14.com هم دارد که بزبان سندهی مقالات علمی را بارگذرای می کند

                        ❓  سوال 

امام حسین علیه السلام تی گریه جو ثواب مومنن ۽ متقین کی ته ملندو پر ڇا اهی انسان جیڪی نه نماز پڙهن ٿا نه روزو رکن دین سان ڪو واسطو نٿن ایستائین جو ڪجهه جائن تی اهو به ڏسڻ ۾ آیو آهی ته هندو ۽ ڪافر به مولاجی عزاداری ڪندی نظر اچن ٿا ته ڇا مولا حسین علیه السلام جی عزاداری ۽ گریه جو ثواب بغیر ڪنهن قید ۽ شرط جی آهی یا نه هر ڪنهن کی ثواب ملندو ان ۾ ڪا به شرط ناهی ؟؟

لیکڪ : مولانا سید احمد علی نقوی المعروف سید علی نقی نقوی 

✍   جواب 

ان ۾ ڪنهن به انسان کی شڪ ناهی ته مولا حسین علیه السلام دین خاطر هڪ عظیم قربانی ڏنی آهی ۽ عزادری سید الشهدا ۽ عزادار امام حسین ع جو وڏو مان ۽ مرتبو آهی پر اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجی ته. 

🍂    ڪنهن به روایت یا آیت ۾ اهو ذڪر ناهی ٿیو ته ڪیر به هجی ان کی عزاداری جو ثواب  ملندو معنا روایتن ۾ اهو ذڪر نه ٿیو آهی ته وڃی ڀلی گناهه ڪرڻا اٿو ته ڪیو یعنی ڀلی نماز نه پڙهو ڀلی روزا نه رکو ڀلی خمس نه ڏیو ڀلی شرڪ ڪیو ڀلی ڪفر ڪیو ڀلی دین جی اصولن کی نه مڃیو ڀلی فروع دین ۾ ڪنهن جی به تقلید نه ڪیو تنهن هوندی به توهان کی عزاداری جو مڪمل ثواب ملندو ائین هر گز ناهی ڇو جو عزادار امام حسین ع جو جیڏو مان ۽ مرتبو بیان ڪیو ویو آهی ان مان ڀلی ڀت ۽ ڇڱی نمونی سان واضح ٿئی ٿو ته ان جی لاءِ ڪجهه شرط ۽ شروط آهن .

🍂  اسان وٽ ڪجهه روایتون مطلق هوندیون آهن ڪجهه روایتن سان انهن مطلق روایتن کی مقید ۽ قید هنئین ویندی آهی اهو ته هرگز ڪو به نٿو چئی سگهی ته بس انهن  روایتن کی نه ڏٺو ویندو جنهن ۾ هر عمل جی طور طریقی ۽ شرائط کی بیان ڪیو ویو آهی

🍂 اهل بیت علیهم السلام جتی ڪنهن عمل جی اهمیت کی بیان ڪندا هئا ته انهن جی به مراد اها ئی هوندی هئی ته پوری روایتن کی ڏٺو وڃی پوءِ وڃی نتیجو ڪڍجی 

  🍂  جیئن ڪجهه روایتن ۾ آهی ته جیڪو مولاحسین ع تی گریو ۽ سندن عزاداری ڪندو اهو جنتی آهی اهڙی طرح ڪجهه ٻین روایتن ۾ جیڪی صحیح به آهی حتا ڪی قرآنی فیصلو به اهو آهی ته ڪافر ڪڏهن به جنت ۾ نه ویندو

🍂 هاڻی جڏهن انهن ٻنهی قسمن جی روایتن کی ملائبو ته اهو ئی نتیجو نڪرندو ته مولاحسین ع تی گریه جی عیوض جنت تڏهن ملندی جڏهن انسان مسلمان هجی .

🍂  ٽن ڀائرن  جو قصو

تفسیر روح البیان وارو لکی ٿو : هڪ شهر ۾ ٽئی ڀائر رهندا هئا ان مان هڪ مؤذن (اذان ڏیڻ وارو) هو جیڪو مناری تی وڃی اذان ڏیندو هو ان جی مرڻ کانپوءِ ٻئی نمبر ڀاء ساڳیو ئی وظیفو انجام ڏنو جڏهن ٻیو نمبر ڀاء به مری ویو ته ٽئین نمبر ڀاء وٽ ان شهر وارا آیا پر اذان ڏیڻ واری ڪم کان انڪار ڪری ڇڏیو جڏهن کانئس سبب پڇا ڪیو ویو ته ان چیو ته منهنجا ڀائر اذان جهڙو مقدس ڪم ته ڪندا هئا پر انهن کی ان اذان ڪو به فائدو نه ڏنو ڇو جو جڏهن انهن جی مرڻ جو ٽائیم ٿیو مان مٿن جڏهن سوره یس پڙهڻ ٿئی چاهی ته مون کی قرآن پڙهڻ کان روڪیائون چیائون ته اسان جی مٿان قرآن نه پڙهه پوءِ جڏهن هڪ منهجو ڀاء جیڪو مری ویو هو منهنجی خواب ۾ آیو مان کانئس پڇا ڪیو ته توهان تی عذاب ڇو ٿو نازل ٿئی جڏهن ته توهان مؤذن هیو ته هن جواب نه ڏنو اسان جڏهن مناری تی اذان لاءِ ویندا هئاسین اتان ماڻهن جی گهرن ۾ انهن جی ناموس کی ڏسندا هئاسین ۽ الله جی یاد اسانجی دل مان ان ٽائم نڪری ویندی هئی.

 🍂بس مولا حسین ع جی عزاداری ۽ گریه جو ثواب تڏهن آهی جڏهن انسان فسق ۽ گناهن سان آلوده نه هجی جیئن هڪڙو ماڻهو چوری جی پئسن مان مولا حسین جی سبیل یا نیاز ٿو ڪری ته ان کی ان جو ڪو به ثواب نه ٿیندو 

🍂یزیدن جی لشڪر ۾ ڪیترائی اهڙا بد بخت آیل هئا جیڪی جنگ جی نیت سان آیل نه هئا پر ان لالچ ۾ اچی پهتا هئا ته جڏهن انعام ورهائبا اسان کی به ڪو نه ڪو حصو ملندو اهی ماڻهو هاڻی احساساتی ٿی ڪری روئن یا ڇا پر ان جو ڪو به انهن کی اجر نه ملندو 

🍂اهل بیت علیهم السلام جیڪو مولاحسین جی گریه ۽ عزادری جو ثواب بیان ڪیو آهی ان جو به فلسفو آهی اهو فلسفو اهو آهی ته جیئن ماڻهو مولا جی غربت ۽ مظلومیت سان گڏوگڏ مولا جی هدف ۽ مقصد کی به سمجهن  مولا 

جی قربانی ۽ شهادت هدف نه هو بلڪی مولا حسین ع جو هدف دین جی بقاء ۽ ماڻهن کی دیندار ڪرڻ هیو 

🍂هاڻی جیڪو شخص بی دین هجی ۽ مولا تی گریو ڪری اچی ته اهی ثواب واریون روایتون ان کی قطعا شامل ناهن ڇو جو اهو مڪمل شرطن تی پورو نٿو لهی .

🍂ها اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجی ته ج*یڪی نمازی آهن روزیدار آهن ۽ دین تی عمل ڪرڻ جی همیشا ڪوشش ۾ هوندا آهن پر انهن کان جیڪڏهن ڪجهه گناهه ۽ لغزشون ٿی ویون آهن اهی جیڪڏهن گریو ڪندا ته انهن جا اهی گناه ان گریه جی طفیل الله سائین معاف ڪری ڇڏی ٿو 

باقی جیڪی انسان نه نماز کی مڃین نه روزا رکن نه دین جی ڪنهن ڳالهه کی مڃین اهڙن ماڻهن کی اهڙی عزاداری یا گریه جو ڪو ثواب ناهی ڇو جو هو پاڻ مولا حسین ع کی پنهنجی عمل سان چئی رهیا آهن ته مولا روئینداسین پر تنهنجو چیو نه وٺنداسین

 اسان صرف روئڻ وارا مؤمن آهیون باقی ڪنهن به ٻئی امر جی اطاعت نه ڪنداسین مولا به ضرور انهن کی جواب ۾ چوندا مان جنهن مقصد لاءِ قربانی ڏنی ان تی عمل نٿا ڪیو باقی اهڙی روئڻ جو ڪهڙو فائدو ؟؟؟؟؟؟!!!!!!

🍂🍂🍂🍂🍂🍂🍂🍂

موافقین ۰ مخالفین ۰ ۹۵/۰۸/۰۶
سید احمد علی نقوی

نظرات  (۰)

هیچ نظری هنوز ثبت نشده است

ارسال نظر

ارسال نظر آزاد است، اما اگر قبلا در بیان ثبت نام کرده اید می توانید ابتدا وارد شوید.
شما میتوانید از این تگهای html استفاده کنید:
<b> یا <strong>، <em> یا <i>، <u>، <strike> یا <s>، <sup>، <sub>، <blockquote>، <code>، <pre>، <hr>، <br>، <p>، <a href="" title="">، <span style="">، <div align="">
تجدید کد امنیتی